Book Name:Siddique akbar ki zihanat

 

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

حديثِ پاڪ ۾ آهي: اَلنِّیَّۃُ الْحَسَنَۃُ تَدْخُلُ صَاحِبَہَا الْجَنّۃَ يعني سُٺي نيت ٻانهي کي جنت ۾ داخل ڪري ڇڏي ٿي۔ (مسند فِرْدَوس، جلد:4، صفحہ:305، حدیث: 6895)

اي عاشقانِ رسول!  هر نيڪ ۽ جائِز ڪم کان پهريان سٺيون نيتون ڪيو! هن سان عَمَل جو ثواب وڌي ويندو آهي۔ بيان ٻڌڻ کان پهريان ڪجھ سٺيون نيتون ڪري وٺو، مثلاً: * رضاءِ الٰهي جي لاءِ بيان ٻڌندس. * اَدَب سان ويهندس. * بيان ٻُڌي ان تي عمل جي ڪوشش ڪندُس. * بيان جو جيترو حصو ياد رهيو، ٻين تائين پهچائي عِلم دِين ڦهلائڻ جو ثواب ڪمائيندس۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بيان جو موضوع آهي: ”صديقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي ذهانت“ مسلمانن جا پهريان خليفه، عاشق رسول، عاشقِ اَڪبَر، اَمِيرُ المُؤمِنِين حضرت ابو بڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنۡه تمام وڏي رُتبي واري شخصيت آهن، الله پاڪ کين وڏا اَعليٰ وصف ۽ ڪمال عطا ڪيا هئا، سندن هڪ تمام اعليٰ وَصف آهي: ذهانت۔ اڄ اسان ان شآء الله! صديقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي ذهانت بابت حڪايتون ٻڌڻ ۽ انهن مان دَرس حاصِل ڪرڻ جي سَعادت حاصِل ڪنداسين ۽ آخر ۾ حضرت صديق اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنۡه کان فيض ماڻي اسان پنهنجي اندر ذهانت جو وَصف ڪيئن پيدا ڪري سگھون ٿا؟ هن جا طريقا به سکنداسين۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                     صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

محبتِ صديق جي برڪت سان ڪلمو نصيب ٿيو

خادِم رسول، حضرت اَنَس بن مالڪ رَضِىَ اللهُ عَنۡهکان روايت آهي، فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن هڪ يهودي حضرت ابو بڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنۡه وٽ حاضِر ٿي چيو: الله پاڪ جنهن حضرت موسيٰ عَلَيه السَّلام کي ڪلِيم بڻايو (جبل طور تي گھرائي انهن کي پنهنجو ڪلام