Book Name:Siddique akbar ki zihanat
ته اي عاشقانِ رسول! عاجزي ڪريو! خود پسندي کان بچو! خود پسندي وڏي کان وڏي عقل مند کي به انڌو ڪري ڇڏيندي آهي۔ فرعون کي ڏسو! ڪهڙو ماهر سياست دان هو، اڄ سياستدانن کي هڪ بِل پاس ڪرڻو هجي ته ڪيترن مرحلن کان گذرڻو پوندو آهي، ان بدبخت پاڻ کي خُدا سڏرايو، ان جي قوم ان کي خُدا مڃندي هئي ۽ سجدو ڪندي هئي پر اهو بدبخت هو، حضرت موسيٰ عَلَيه السَّلام جي نيڪي جي دعوت بني اسرائيل جي ٻارن کي به سمجھ اچي رهي هئي، فرعون جي سمجھ ۾ ڪانه آئي، اهو جيڪڏهن عقلمندي کان ڪم وٺي ها، حضرت موسيٰ عَلَيه السَّلام جي ڳالھ مڃي وٺي ها ته دُنيا مان وڃڻو ئي هو، ان جي دُنيا به بهتر ٿئي ها، آخرت به سنورجي وڃي ها، ان جو ملڪ، ان جي حڪمراني باقي رهندڙ دُنيا تائين باعزت ٿي وڃي ها، ان جي نقشِ سيرت تي هلڻ جي حڪمرانن کي ترغيب ڏني وڃي ها پر ان بدانجام بيوقوفي جو مظاهرو ڪيو، حضرت موسيٰ عَلَيه السَّلام کي نه مڃيو، الله پاڪ ان کي دريا ۾ غرق ڪري ڇڏيو، نه ان جي حڪومت رهي، نه خدائي جي دعويٰ ڪم آئي، دنيا ۾ به ذليل ٿيو، آخرت به تباھ ٿي ۽ قيامت تائين جي لاءِ عبرت جو نشان به بڻجي ويو۔ آخر ڇو؟ حضرت موسيٰ عَلَيه السَّلام جي نيڪي جي دعوت ته بني اسرائيل جي ٻارن تائين کي به سمجھ آئي پئي، فرعون کي ڇو سمجھ نه آئي؟ الله پاڪ قرآنِ مجيد ۾ ان جي وضاحت فرمائي، ارشاد آهي:
زُیِّنَ لِفِرْعَوْنَ سُوْٓءُ عَمَلِهٖ (پاره:24، سورۃ المؤمن، آيت:37)
ترجمو ڪنز الايمان: فرعون جي نظر ۾ سندس برو ڪم ڀلو ڪري ڏيکاريو ويو.
يعني شيطان وسوسا وجھي ان جي بُرن عملن کي ان جي نظر ۾ سٺو ڪري ڏيکاريو، اهو پنهنجي بُرن ڪمن کي به سٺو سمجھڻ لڳو، اهو خود پسندي ۽ خود راءِ جو شِڪار هو، ان جي بُري عقل جي مطابق ان جي راءِ، ان جا فيصلا، ان جي سوچ گھڻي سٺي هئي، خود پسندي ان جي عقل تي پردو رکي ڇڏيو هو،