Book Name:Ghurbat Ki Barkaten

انهن عضوئن جي سلامتي جي باوجود اسان مال ودولت جي نه هجڻ بابت شڪايت ڪريون ٿا، تنهنڪري مال و دولت نه هئڻ يا غريب هئڻ جي ڪري دل ننڍي نه ڪرڻ گھرجي، بلڪه اسان کي پنهنجي ربِّ ڪريم جي ٻين نعمتن تي  شڪر ادا ڪرڻ گھرجي ۽ هر وقت ان جي رضا تي راضي رهڻ گھرجي۔ اچو! گڏجي دعا گھرون ٿا۔ 

تو ڈر اپنا عنایت کر رہیں اس ڈر سے آنکھیں تر

مٹا خوفِ جہاں دل سے مٹا دنیا کا غم مولیٰ

تو بس رہنا سدا راضی، نہیں ہے تابِ ناراضی

تو نا خوش جس سے ہو برباد ہے تیری قسم مولیٰ

(وسائلِ بخشش مُرمَّم ،ص۹۸)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                        صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

 پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسلام جتي اسان کي بخل(تنگي ڪرڻ) کان روڪي ٿو اتي اسراف(حد کان ٽپڻ) کان به روڪي ٿو ۽ اعتدال جو درس ڏئي ٿو جيئن قرآنِ ڪريم ۾ الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو:

الَّذِیْنَ اِذَاۤ اَنْفَقُوْا لَمْ یُسْرِفُوْا وَ لَمْ یَقْتُرُوْا وَ كَانَ بَیْنَ ذٰلِكَ قَوَامًا(۶۷)

ترجمو ڪنزالايمان: ۽ اهي جڏهن خرچ ڪندا آهن نه ته حد ٽپن ۽ نه تنگي ڪن ۽ انهن ٻنهيءَ جي وچ ۾ اعتدال تي رهن

اسراف ۽ تنگي ڪرڻ مان ڇا مراد آهي؟

هن آيتِ مبارڪه جي تحت تفسير صراط الجنان ۾ آهي: اسراف مَعصِيَت(گناهه) ۾ خرچ ڪرڻ کي چوندا آهن. هڪ بزرگ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيه چيو اسراف ۾ ڪا ڀلائي