Book Name:Ghurbat Ki Barkaten

الکفاف والصبر عليه، ۴/۱۵۶، حديث: ۲۳۵۶)

اسان جي پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: جنهن کي اسلام جي هدايت ملي ۽ بقدرِ ضرورت رزق مليو پوءِ ان هن تي قناعت ڪئي اهو ڪامياب ٿي ويو۔ (مسلم،کتاب الزكاۃ، باب في الکفاف والقناعۃ، ص ۴۰۶، حديث: ۲۴۲۶)

  پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! پنهنجي دل مان مال ودولت جي محبت کي ڪڍڻ،  سادگي اپنائڻ، راحت و سڪون سان گڏ زندگي گذارڻ ۽ غربت تي صبرو قناعت جو ذهن بنائڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان هردم وابسته ٿي وڃو، دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول ۾ سنتن تي عمل ۽ شريعت جي مطابق زندگي گذارڻ، نمازن جي پابندي ڪرڻ، حلال رزق ڪمائڻ، ربِّ ڪريم جي ذات تي توڪل ڪرڻ سان گڏوگڏ صبر و قناعت جو ذهن ڏنو ويندو آهي۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                        صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. (مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵)

سینہ تری  سُنَّت کا مدینہ  بنے آقا                        جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا  بنانا

ننهن ڪٽڻ جون سنّتون ۽ آداب

اچو! شيخ طريقت امير اهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي رسالي 101 مدني گل مان ننهن ڪٽڻن جون سنّتون ۽ آداب ٻڌون ٿا؛ جمعي جي ڏينهن ننهن ڪٽڻ مستحب آهن۔ ها جيڪڏهن گهڻا وڌي ويا هجن ته جمعي جو انتظار نه ڪريو۔ (در مختار ،کتاب الحظر و الاباحۃ،باب الاستبراء وغيره،۹/۶۶۸ ماخوذا) صدرُالشَّريعه، بدرالطَّريقه مفتي محمد