Book Name:Ghurbat Ki Barkaten

آساني سان  سمجھي سگھي ٿو۔ (تفسيرصراط الجنان،پ۲۵،الشوريٰ،تحت الآيۃ:۲۷، ۹/۶۴)

          پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! واقعي ربِّ ڪريم جي هر هر ڪم ۾ حڪمت هوندي آهي، ڪنهن کي مال دولت جي ڪثرت عطا ڪرڻ ۾ به حڪمت آهي ته ڪنهن کي  غريبي ۽ تنگدستي جي حالت ۾ رکڻ ۾ به حڪمت آهي، پر اسان ان جي حڪمتن کي سمجھڻ کان قاصر آهيون۔ اچو! ترغيب جي لاءِ هڪ  حديث سڳوري ٻڌون ٿا:

اميري، غريبي جي وڏي حڪمت

نبي ڪريم، رؤف رّحيم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو: بيشڪ منهنجا ڪي مومن ٻانها اهڙا آهن جو انهن جي ايمان جي ڀلائي مالداري ۾ آهي، جيڪڏهن مان انهن کي فقير ڪيان ته ان جي ڪري انهن جو ايمان خراب ٿي ويندو۔ بيشڪ منهنجا ڪي مومن ٻانها اهڙا آهن جو انهن جي ايمان جي ڀلائي فقيري ۾ آهي، جيڪڏهن مان انهن کي مالدار ڪيان ته ان جي ڪري انهن جو ايمان خراب ٿي ويندو۔ مان پنهنجي علم سان پنهنجي ٻانهن جي معاملات جو انتظام ڪندو آهيان، بيشڪ مان عليم ۽ خبير آهيان۔ (حليۃ الاولياء، الحسين بن يحيٰ الحسيني، ۸/۳۵۵،رقم: ۱۲۴۸۵ملخصا)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                        صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! غربت جو هڪ فائدو اهو به آهي ته غريب  دنيا ۽ آخرت ۾ ڪامياب ۽ خوش نصيب آهي، دنيا ۾ مال جي آفتن ۽ چوري کان سلامت رهي ٿو، جڏهن ته آخرت ۾ حساب و ڪتاب جي سختين ۽ آزمائشن کان محفوظ رهندو، اچو! اَميرِاَهلسُنَّت،حضرت علامَه مَولانا محمد الياس عطّار قادري دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي رسالي ”غريب فائدي ۾ آهي“ مان ڪجھ نڪتا ٻڌون ٿا:

غريب فائدي ۾ آهي

امير اهلسُنّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه غربت جا فائدا ۽ غربت تي صبروقناعت جو ذهن