Book Name:Ghurbat Ki Barkaten

ڪونهي ته ٻئي بزرگ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيه چيو: ڀلائي جي ڪم ۾ اسراف ٿيندو ئي ناهي. ۽ تنگي ڪرڻ جي باري ۾ حضرت عبدالله بن عباس رَضِىَ اللهُ عَـنْهُمَا فرمائن ٿا: هن مان مراد هي آهي ته ٻانهو الله تعالٰي جا مقرر ڪيل حقَ ادا ڪرڻ ۾ ڪمي ڪري. مروي آهي ته جنهن ڪنهن حق کي منع ڪيو ان تنگي ڪئي ۽ جنهن ناحق ۾ خرچ ڪيو ان اسراف ڪيو. ڪجهه مفسرن جو قول آهي ته هن آيت ۾ جن حضرات جو ذڪر آهي اهي سيّد المرسلين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا وڏا وڏا صحابه ڪرام رَضِىَ اللهُ عَـنْهُم آهن جيڪي نه ئي لذت ۽ نازو نعمت ۾ زندگي گزارڻ جي لاءِ کائيندا، نه خوبصورتي ۽ زينت جي لاءِ پائيندا، بک برداش ڪرڻ، اوگهڙ ڍڪڻ، سردي گرمي جي تڪليف کان بچڻ رڳو اهو ئي انهن جو مقصد هو،

(مدارک التنزیل، الفرقان، تحت الآیۃ: ۶۷، ص۸۱۰، خازن، الفرقان، تحت الآیۃ: ۶۷، ۳/۳۷۹، ملتقطاً) 

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                        صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

غريبي ۾ سلامتي آهي

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! غربت جو هڪ فائدو اهو به آهي ته ڪڏهن غربت ئي انسان جي لاءِ بهتر هوندي آهي ۽ دولت جي بدران غربت ۾ ان جي لاءِ وڌيڪ عافيت ۽ زياده سلامتي هوندي آهي۔ اڄڪلھ جيڪڏهن اسان غور ڪريون ته واقعي مال و دولت اهڙي شيء آهي جيڪا انسان کي ڪيئي گناهن ۾ ملوّث (Involved) ڪندي آهي۔ ٭ اڄ هڪ تعداد آهي جيڪو مال ودولت جي ڪثرت سبب گناهن ۾ مصروف آهي۔ ٭ اڄ هڪ تعداد آهي جيڪو مال ودولت جي ڪري  بارگاھِ الٰهي کان پري ٿيندو پيو وڃي۔ ٭ اڄ هڪ تعداد آهي جيڪو مال و دولت جي ڪثرت سبب فخر و غرور ۽ تڪبر ۾ مبتلا آهي۔ ٭ اڄ هڪ تعداد آهي جيڪو مال و دولت جي ڪثرت سبب فڪرِ آخرت کان غافل آهي۔ ٭ اڄ هڪ تعداد آهي جيڪو مال و دولت جي ڪثرت سبب حلال وحرام ۾ تميز ڪرڻ کان لاپرواه آهي۔ ٭ اڄ هڪ تعداد آهي جيڪو مال و دولت جي ڪثرت سبب نمازن کان پري آهي۔ ٭ اڄ هڪ تعداد آهي جيڪو مال و دولت