Book Name:Ghurbat Ki Barkaten

عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اِسلامي جي مَدَني ماحول سان وابسته رهندي ڪجھ نه ڪجھ وقت ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن ۾ ڏيڻ جي ڪوشش ڪريو۔ اميرِ اهلسنت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه روزانو گھٽ مان گھٽ 2 ڪلاڪ مدني ڪمن جي لاءِ ڏيڻ جي ترغيب اِرشاد فرمائي آهي۔ يقيناً جيڪو جيترو وڌيڪ وقت ڏيندو، اِنْ شَاۤءَ الله ان جي لاءِ ثواب ڪمائڻ جا موقعا به ايتري قدر وڌيڪ هوندا۔

ياد رهي! ذيلي حلقي جي 12 مَدَني ڪمن مان روزانو جو هڪ مَدَني ڪم ”مسجد درس“ به آهي۔ ٭ ”مسجد درس“ سان مسجدون آباد ٿين ٿيون۔ ٭ ”مسجد درس“ سان انفرادي ڪوشش ڪرڻ جو موقعو ملندو آهي۔ ٭ ”مسجد درس“ سان نمازين جي تعداد ۾ اضافو ٿيندو آهي۔ ٭ ”مسجد درس“ جي برڪت سان ڀلائي جون ڳالهيون سکڻ سيکارڻ جو موقعو ملندو آهي۔ ڀلائي جون ڳالهيون سکڻ سيکارڻ جي ته ڇا ڳالھ ڪجي، جيئن

منقول آهي ته الله ڪريم حضرتِ سَيدُنا مُوسيٰ عَلَيه السَّلَام ڏانهن وَحي فرمائي: ڀلائي جون ڳالهيون پاڻ به سکو ۽ ٻين کي به سيکاريو، مان ڀلائي سکڻ ۽ سيکارڻ وارن جي قبرن کي روشن فرمائيندس ته جيئن انهن کي ڪنهن قسم جي وَحشت نه ٿئي۔ (حليۃالاولياء، کعب الاحبار، ۶/۵، رقم:۷۶۲۲) بيان ڪيل روايت مان معلوم ٿيو ته سٺين سٺين نيتن سان سُنَّتن ڀريو بيان ڪرڻ يا درس ڏيڻ ۽ ٻڌڻ وارن جا ته ڀاڳ ئي کلي پوندا آهن، اِنْ شَآءَالله اُنهن جون قبرون اَندر کان جڳمڳ جڳمڳ ڪري رهيون هونديون ۽ انهن کي ڪنهن قسم جو خوف محسوس نه ٿيندو۔ اچو! ترغيب لاءِ ”مسجد درس“ جي هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا، جيئن

بغض و عناد نڪري ويو

پنجاب، پاڪستان جو رهائشي هڪ اسلامي ڀاءُ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿيڻ کان پهريان گناهن جي تاريڪ وادين ۾ ڀٽڪي رهيو هو، بدمذهبن جي صحبت جي نحوست جو رنگ ايتري قدر غالب هو جو دعوتِ