Book Name:Ghurbat Ki Barkaten

نه ئي انهن سان حسنِ سلوڪ ڪيو ويندو آهي جڏهن ته مالدارن ۽ وڏي عهدي وارن جي خوب تعظيم (Respect) ڪئي ويندي آهي ۽ غريبن کي حقارت ڀري نگاھ سان ڏٺو ويندو آهي۔ غريبن جي دل شڪني ڪئي ويندي آهي، غريبن کي غربت جا طعنا ڏنا ويندا آهن ۽ اميرن جي اڳيان جھڪي پوندا آهن، اميرن جي به اها تمنا هوندي آهي ته اسان کي ٿورو مختلف انداز سان ڊيل ڪيو وڃي ۽ اسان جي لاءِ اسپيشل وقت ڪڍيو وڃي ۽ اسان جي اچڻ تي سڄي مصروفيت ڇڏي اسان کي خاص وقت ڏنو وڃي۔ غريب ماڻهوءَ وٽ ويهڻ ته امير پنهنجي اسٽيٽس جي خلاف سمجھندو آهي، اهڙي طرح ڪجهه سيٺن ۽ مالدارن جي عادت آهي ته ڪڏهن اهي غريبن جو مذاق اڏائيندا آهن ۽ توهين ڀرين لقبن سان انهن کي عار ڏياريندا آهن، ڪڏهن طعنا ڏيندا آهن ته ڪڏهن ٽوڪون ڪندا آهن ۽ ڪڏهن ٻين جي سامهون انهن کي ذليل ڪندا آهن۔ جنهن سان غريبن جي دل آزاري ٿيندي رهندي آهي۔ پر اهي ويچارا پنهنجي غربت ۽ مفلسي جي ڪري مالدارن جي سامهون ڪجھ چئي ناهن سگهندا۔ اهڙن مالدارن کي هوش ۾ اچڻ گھرجي ۽ پنهنجي انهن ڪمن کان توبه ڪرڻ گھرجي۔

غريبن سان حُسنِ سلوڪ جون برڪتون

  خدا جو قسم! اهي مؤمن وڏا خوش نصيب آهن، جيڪي غريبن ۽ محتاجن جي مدد ڪن ٿا، روئڻ وارن کي کلائن ٿا ۽ پريشان حال ماڻهن جون پريشانيون دور ڪن ٿا۔ ڇوته مخلوقِ خدا تي شفقت ڪرڻ رضاءِ الٰهي ماڻڻ جي نهايت سٺي راھ آهي۔ جيڪو غريبن تي رحم ڪندو، ربِّ ڪريم ان تي رحم وڪرم جي اهڙي بارش فرمائيندو جو ان جي زندگي ۾ هر پاسي بهارون ئي بهارون اچي وينديون ۽ اها تجربي شده ڳالھ آهي ته جڏهن ڪنهن غريب جي مدد ڪئي وڃي ته انسان کي اهڙي خوشي ٿيندي آهي جنهن کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ مشڪل آهي، غريبن جي مدد ڪرڻ سان دل کي سڪون ملندو آهي۔ ان کي اهو ئي سمجھي سگھي ٿو جنهن کي اها دولت نصيب ٿي هجي۔ تنهنڪري اسان کي گھرجي ته پنهنجي غريب مسلمان ڀائرن جي خير خواهي ڪندا