Book Name:Ghurbat Ki Barkaten

کھانا تو دیکھو جَو کی روٹی                                    بے چھنا آٹا روٹی بھی موٹی

وہ بھی شکم بھر روز نہ کھانا                                صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَسَلَّم

کون و مکاں کے آقا ہو کر                                دونوں جہاں کے داتا ہو کر

ہیں فاقے سے شاہِ دو عالَم                                 صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَسَلَّم

 

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                        صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

 صحابَه ڪرام  جو فقر

      اي عاشقانِ رسول! ٻڌو اوهان ته اسان جي پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي ذات جي لاءِ فقر ۽ غربت کي پسند فرمايو، اهڙي طرح رسول اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي صحبت مان فيض ماڻڻ وارن صحابَه ڪرامعَلَيهمُ الرِّضْوَان به پنهنجون مُبارڪ  زندگيون فقر ۽ فاقي ۾ گذاريون، انهن مقدس هستين جي زندگي ۾ به   ڪيئي ڪيئي ڏينهن تائين بک ۽ فاقه هوندا هئا پر ان جي باوجود به اهي حضرات ربِّ ڪريم جي رضا تي راضي رهندا هئا، صبر ڪندا هئا ۽ هر حال ۾ ربِّ ڪريم جو شڪر ادا ڪندا هئا، اچو! ترغيب جي لاءِ اَميرُ المؤمنين، حضرت علي المرتضيٰ رَضِىَ اللهُ عَنْه جو هڪ واقعو ٻڌون ٿا:  

شيرِ خدا جو صبر ۽ قناعت

      حضرت سُويد بن غَفله رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: مان اَميرُ المؤمنين، مولاءِ ڪائنات، حضرت علي المرتضيٰ شيرِخُدا كَرَّمَ اللّٰهُ وَجۡهَهُ الۡكَرِيۡم جي خدمت ۾ دارالامارة(يعني دارُ الخلافه) ڪوفي ۾ حاضر ٿيس، پاڻ كَرَّمَ اللّٰهُ وَجۡهَهُ الۡكَرِيۡم جي آڏو جَوَن جي ماني ۽ کير جو هڪ پيالو رکيل هو، ماني خشڪ ۽ ايڏي سخت هئي جو ڪڏهن پنهنجي هٿن سان ۽ ڪڏهن گوڏن تي رکي ڀَڃي رهيا هئا، اهو ڏسي ڪري مون پاڻ كَرَّمَ اللّٰهُ وَجۡهَهُ الۡكَرِيۡم جي ٻانهيءَ فِضّه رَضِیَ اللهُ عَنْهَا کي چيو، تو کي هنن تي ترس نٿو اچي؟ ڏسو ته سهي ماني سنواريل آهي، انهن لاءِ جَوَ شريف