Book Name:Ghurbat Ki Barkaten

آهن ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪريون ٿا،

غريبن جون فضيلتون

1۔ هڪ ڀيري نبي ڪريم، رؤف رحيم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ صحابَه ڪرام کي فرمايو: أَي ُ النَّاسِ خَيرٌ  يعني ماڻهن ۾ سڀ کان بهتر ڪير آهي؟ انهن عرض ڪيو: اهو مال دار شخص جيڪو پنهنجي جان ۽ مال ۾ الله ڪريم جا لازم ڪيل حق ادا ڪندو رهي (يعني بَدَني ۽ مالي عبادتون ادا ڪري)۔ آقا ڪريم ارشاد فرمايو: نِعْمَ الرَّجُلُ ھٰذَا وَلَيسَ بِهٖ يعني اهڙو شخص ڀلو آهي پر منهنجو مقصود اهو ناهي۔ صحابَه ڪرام عرض ڪيو: يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! اوهان ئي ارشاد فرمايو ته سڀ کان ڀلو شخص ڪير آهي؟ ارشاد فرمايائون: فَقِيـرٌ  يعْطِي جُھْدَه يعني اهو فقير جيڪو پنهنجي استطاعت جي مطابق راھِ خدا ۾ خرچ ڪري۔ (مسند طيالسي ،مسند  نافع عن ابن عمر،ص۲۵۳،حديث :۱۸۵۲ بتغير)    

2۔ ارشادفرمايائون: اِنَّ الله يحِبُّ الْـفَقِيرَ الْمُتَعَفِّفَ اَبَا الْعِيالِ يعني الله پاڪ ان فقير سان محبّت ڪري ٿو، جيڪو ٻارن ٻچن وارو هئڻ باوُجُود سُوال ڪرڻ کان بچي ٿو۔ (ابن ماجه، کتاب الزھد، باب فضل الفقراء،۴/ ۴۳۲، حديث: ۴۱۲۱)

3۔ ارشاد فرمايائون: هر شيء جي هڪ چاٻي هوندي آهي ۽ جنّت جي چاٻي صبر ڪرڻ وارن مسڪينن ۽ فقيرن جي مَحَبَّت آهي، اهي ماڻهو قيامت جي ڏينهن الله ڪريم جي قُرب ۾ هوندا۔ (مسند الفردوس، ۲/۱۹۱، حديث :۵۰۲۹)

دولتِ دنیا سے بے رغبت مجھےکردیجئے

میری حاجت سے مجھےزائد نہ کرنا مالدار

(وسائلِ بخشش مُرمَّم،ص۲۱۸)

          اي عاشقان رسول! اوهان ٻڌو ته اسان جي پياري آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ غريبن جون ڪيتري قدر فضيلتون بيان ڪيون آهن، پر افسوس! اڄوڪي دور ۾ اسان جي معاشري ۾ نه ئي غريبن جو خيال رکيو ويندو آهي ۽