Book Name:Ghurbat Ki Barkaten

      تفسير صراط الجنان ۾ آهي: ياد رهي جنهن مال جي وڌيڪ هجڻ جو حرص ڪيو ويندو آهي، ان جي حقيقت اها آهي ته هي ان وقت تائين انسان سان گڏ رهندو آهي جيستائين ان جي جسم ۾ روح باقي آهي ۽ جيئن ئي روح ان جي تن کان جدا ٿيندو آهي ۽ ان کي قبر ۾ دفن ڪيو ويندو آهي ته اهو مال ان جو ساٿ ڇڏي ڏيندو آهي ۽ قبر ۾ ان سان گڏ صرف ان جو عمل ويندو آهي تنهنڪري هر عقلمند انسان کي گھرجي ته اهو مال جي زيادتي جو حرص ڪرڻ بدران نيڪ عملن جي زيادتي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ته جيئن اهي قبر ۾ ان جا بهترين ساٿي ٿين۔ (تفسيرصراط الجنان،پ۳۰،التکاثر،تحت الآيۃ:۲ ،۱۰/۸۱۲ملخصا)

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! واقعي مال و دولت جو حرص اهڙو آهي جيڪو انسان کي رَبِّ ڪريم کان غافل ڪندو آهي۔ هر وقت مال ودولت جي حِرص ۾   مبتلا رهڻ وارن، مال جي جمع ڪرڻ جي هوس ۾ حلال وحرام جو فرق وسارڻ وارن ۽ صِرف مال و دولت ۾ زندَگي جو سُڪون تلاش ڪرڻ وارن  جي لاءِ عبرت ئي عبرت آهي۔ تنهنڪري اڄ ئي مال ودولت جي حرص کان بچي الله ڪريم جي عبادت ۽ فڪرِ آخرت ۾ مشغول ٿي وڃو۔ اچو! گڏجي بارگاھ الٰهي ۾ دعا گھرون ٿا۔

مال ودولت کی دعا ہم نہ خدا کرتے ہیں                  ہم تو مرنے کی مدینے میں دعا کرتے ہیں

کیوں پھریں شوق میں ہم مال کے مارے مارے                             ہم تو سَرکار کے ٹکڑوں پہ پلا کرتے ہیں

(وسائلِ بخشش مُرمَّم ،ص۲۹۳)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                        صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

12 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ”مسجد درس“

  پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! پنهنجي دل مان مال و دولت جو حرص ڪڍڻ،  فڪرِ آخرت جو ذهن ٺاهڻ، نيڪ بڻجڻ ۽ سنتن تي عمل جو جذبو وڌائڻ جي لاءِ