Book Name:Ghurbat Ki Barkaten

رهون۔ ٭ غريبن سان محبّت ۽ شفقت وارو ورتاؤ ڪندا رهون۔ ٭ غريبن جي دل جوئي ڪندا رهون۔ ٭ غريبن جي مدد ڪندا رهون۔ ٭ غريبن جون پريشانيون دور ڪندا رهون۔ ٭ غريبن تي رحم ڪندا رهون۔ ٭ غريبن جي عزت ڪندا رهون۔ اچو! گڏجي ربِّ ڪريم جي بارگاھ ۾ دُعا گھرون ٿا:

امّتِ محبوب کا یارب بنا دے خیر خواہ                                                                                     نفس کی  خاطر کسی سے دل میں  میرے  ہو  نہ  بَیر

(وسائلِ بخشش مُرمَّم،ص۲۳۳)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                        صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

غريبن جي ٽولي ۾ شامل ٿيڻ جي دعا

  پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بظاهر غربت ۽ غريبن کي اسان جي مُعاشري ۾ نفرت ڀري نگاھ سان ڏٺو ويندو آهي، پر حقيقت ۾ اهڙي غُربت ۽ مسڪيني ۾ بي شمار برڪتون آهن، اهڙي غربت ۽ مسڪيني ۾ مبتلا ماڻهو اسلام ۾ حقير نه آهن بلڪ محبّت لائق آهن ۽ اهڙن ئي غريب ۽ مسڪين ماڻهن جي ٽولي ۾ شامل ٿيڻ  جي لاءِ پيڪرِ حُسن و جمال، رسولِ بي مثال صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ دُعا گھرندا هئا ۽ اهڙي ٽولي کي پنهنجي رَفاقت جي برڪتن سان نَوازڻ جي خواهش رکندا هئا،

      حضرتِ ابوسعيد خُدرِي رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: مَسڪينن سان محبّت ڪريو، ڇوته مون رسولِ خُدا، محبوبِ اَنبِياء صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي دُعا ۾ اهي لفظ شامل فرمائيندي ٻڌو: اَللَّهمَّ اَحْينِي مِسْکينًاوَاَمِتْنِي مِسْکينًاوَاحْشُرْنِي فِي زُمْرَۃِ الْمَسَاکينَ يعني اي الله! مون کي مسڪيني جي حالت ۾ حيات ۽ مسڪيني جي حالت ۾ ئي وِصال عطا فرما ۽ مسڪينن جي ٽولي ۾ منهنجو حشر فرما۔ (ابن ماجه،کتاب الزھد،باب مجالسۃ الفقراء،۴/۴۳۳، حديث:۴۱۲۶)

ہم غریبوں کے آقا پہ بے حد درود                                                   ہم فقیروں کی ثَروَت پہ لاکھوں سلام

(حدائقِ بخشش،ص ۲۹۸)