Book Name:Ghurbat Ki Barkaten

(3)   جڏهن ته ٽئين ڳالھ اها آهي ته مال دار شخص سُبْحٰنَ اللّٰه وَ الْحَمْدُ لِلّٰه وَلَااِلٰه اِلَّا اللّٰه وَ اللّٰه اَکبَر چوي ۽ اهي ئي ڪلمات فقير به ادا ڪري ته مال دارفقير جي برابر ثواب نٿو ماڻي سگھي توڙي جو اهو 10 هزار دِرهم (چاندي جا سڪا) صَدَقو ڪري۔ ٻين سمورن نيڪ عملن ۾ به اهو ئي مُعامَلو آهي۔ نمائندي واپس موٽي  فُقرا کي اهو فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻڌايو: ته اهي چوڻ لڳا: رَضَينَا اسان راضي آهيون، رَضَينَا اسان راضي آهيون۔ (قوت القلوب،الفصل الثاني والثلاثون،ذکر وصف الزاھد وفضل الزھد،۱/ ۴۳۶،چڑيا اور اندھا سانپ،ص۵)

آتا ہے فقیروں پہ انہیں پیار کچھ ایسا                  خود بھیک دیں اور خود کہیں منگتا کا بھلا ہو

تم کو تو غلاموں سے ہے کچھ ایسی محبت                 ہے ترکِ ادب ورنہ کہیں ہم پہ فدا ہو

شعرن جي وضاحت: اسان جي پياري آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي پنهنجي غلامن سان اهڙو پيار آهي ۽ پنهنجي چاهڻ وارن سان ايتري محبّت فرمائن ٿا جو پاڻ خود ئي پنهنجي غلامن جي مدد ڪن ٿا، انهن جون پريشانيون دور ڪن ٿا ۽ انهن جا ڪم بڻائن ٿا ۽ انهن جي لاءِ چڱائي جي دعا به گُھرن ٿا۔  

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                        صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

          پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بيان ڪيل واقعي مان معلوم ٿيو ته اسان جا پيارا آقا، مديني وارا داتا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ غريبن سان گھڻي محبّت ڪن ٿا ۽ انهن کي اهو ذهن ڏين ٿا ته اهي پنهنجي غربت تي شڪوه شڪايت ڪرڻ جي بدران صبر کي پنهنجي عادت ۾ شامل ڪن۔ انهيء حديثِ پاڪ ۾ غريبن کي ملڻ واريون ٽي خوشخبريون ٻڌي احساس ٿيندو آهي ته واقعي پنهنجي غربت تي صبر ڪرڻ وارا غريب ۽ فقير وڏا خوش نصيب هوندا آهن۔

ڪهڙي  غربت فائديمند آهي؟

          ياد رکو! نه ئي هر قسم جي غربت افضل آهي ۽ نه ئي هر قسم جي