Book Name:Ghurbat Ki Barkaten

ڪڏهن غربت جي ڪري شڪوو ڪندي نظر ايندا آهن۔ الغرض اهڙا ماڻهو ڪنهن حال ۾ خوش ناهن رهندا۔

شڪوو ڪرڻ واري جي اِصلاح

          منقول آهي ته ڪنهن شخص هڪ بزرگ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيه سان پنهنجي تنگدستي جو شڪوو ڪيو ۽ ان سان ٿيندڙ رنج وغم جو اظهار ڪيو، ته ان بزرگ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيه ان  شخص کان پڇيو: ڇا تو کي 10 هزار درهم جي بدلي انڌو ٿيڻ قبول آهي؟ ان عرض ڪيو: نه۔ وري ان بزرگ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيه پڇيو: ڇا تو کي 10 هزار درهم جي بدلي گونگو ٿيڻ قبول آهي؟ ان عرض ڪيو: نه۔ پوءِ ان بزرگ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيه پڇيو: ڇا تو کي 20 هزار درهم جي بدلي ٻئي هٿ ۽ پير ڪٽائڻ قبول آهن؟ ان عرض ڪيو: نه۔ پڇيو: ڇا تو کي 10 هزار درهم جي بدلي چريو ٿيڻ قبول آهي؟ ان عرض ڪيو: نه۔ تنهن تي ان بزرگ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيه فرمايو: تو کي شرم نٿو اچي ته پنجاھ هزار(50000) جو سامان هئڻ جي باوُجود پنهنجي آقا و موليٰ، پاڪ پروردگار جي شڪايت ڪري رهيو آهين؟۔ (احياء العلوم،كتاب الصبر والشكر، بيان السبب الصارف للخلق عن الشکر،۴/۱۵۲)

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! واقعي جيڪڏهن اسان پنهنجي ذات ۾ غور و فڪر ڪريون ته اها حقيقت ظاهر ٿي اسان جي سامهون اچي ويندي ته اسان جو سڄو جسم ئي رَبّ ڪريم جي ڏنل بي شمار نعمتن جو مرڪز آهي، ٿورو سوچيو ته جيڪڏهن اسان کي دنيا جي ڪثير دولت ڏئي چيو وڃي ته پنهنجون اکيون ڏئي ڇڏيو ته ڇا اسان ان جي لاءِ تيار ٿي وينداسين؟ جيڪڏهن اسان کي  ڪثير مال ڏئي هڪ پير کان معذور ٿيڻ جو چيو وڃي ته ڇا اسان ان جي لاءِ  تيار ٿي وينداسين؟ جيڪڏهن اسان کي ڪيئي لک روپيا ڏئي هٿ ڪٽائڻ جو چيو وڃي ته ڇا اسان هن جي لاءِ تيار ٿي وينداسين؟ جيڪڏهن اسان کي تمام گھڻو  مال و دولت ڏئي چيو وڃي ته پنهنجو هڪ ڪن ڪپائي ڇڏيو ته ڇا اسان هن جي لاءِ تيار ٿي وينداسين؟ الغرض جيڪڏهن اسان کي دنيا جي سموري دولت به ڏني وڃي ته اسان مان ڪو به انهن ڪمن جي لاءِ  تيار نه ٿيندو، پر افسوس!