Book Name:Ghurbat Ki Barkaten

   پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان غربت پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي محبّت جي سوغات آهي، تنهنڪري جيڪي مالدارن کي راحت ۾ ڏسي حسد ڪن ٿا، پنهنجي دل ساڙين ٿا ۽ طرح طرح جي وسوسن جا شڪار ٿيندا آهن انهن کي گھرجي ته پنهنجي دل ۾ حقيقي محبِّتِ رسول جو جذبو بيدار ڪرڻ جي لاءِ جيڪو ڪجھ حاصل آهي، ان تي قناعت اختيار ڪريو ۽ مالدارن جي مال ڏانهن  بلڪل به توجھ نه ڏين، ڇوته مالدارن جي مال ڏانهن نظر ڪرڻ سان نورِ ايمان ضايع ٿيڻ جو انديشو هوندو آهي،

  حضرتِ عيسيٰ عَلَيه السَّلَام جن ارشاد فرمايو: دنيادارن جي مال ڏانهن نظر نه  ڪريو، نه ته ان جي چمڪ ڌمڪ توهان جي نورِ ايمان کي ضايع ڪري ڇڏيندي۔ (احياء العلوم،کتاب الفقر والزھد،بيان فضيلۃ الفقر علي الغني، ۴ /۲۵۰)

  پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اهي غريب اسلامي ڀائر جن جي گھر جو گذارو  مشڪل سان هلندو آهي انهن کي گھرجي ته اهو نه سوچين ته فلاڻي شخص کي ايترو مال مليو آهي، فلاڻي کي ايتري دولت عطا ٿي آهي جڏهن ته  اسان کي رزق جي معاملي ۾ تنگي آهي، بلڪ انهن کي گھرجي ته قناعت جو ذهن بڻائن ۽ پنهنجي گھر وارن کي به قناعت جو ذهن ڏين، ڇوته ٭ قناعت اعليٰ ترين انساني وصفن مان هڪ نهايت ئي پيارو وصف آهي، ٭ قناعت ڪرڻ وارو پنهنجي خواهشن کي روڪڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو آهي۔ ٭ قناعت ڪرڻ وارن کي الله ڪريم جو شڪر ادا ڪرڻ جي توفيق ملندي آهي۔ ٭ قناعت انسان جي بُلند همتي، عالي سوچ، بُزرگي، تقويٰ ۽ صبر جي علامت بڻجندي آهي۔ اچو! قناعت جي فضيلت تي مشتمل ٻه حديث سڳوريون ٻڌون ٿا:

قناعت جون برڪتون

اسان غريبن جي آقا، ٻنهي جھانن جي داتا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: ان شخص جي لاءِ خوشخبري آهي، جيڪو اِسلام جي هدايت ماڻي ۽ ان جي روزي بقدرِ ضرورت هجي ۽ اهو ان تي قناعت ڪري۔ (ترمذي، کتاب الزھد،باب ماجاء في