Book Name:Ghurbat Ki Barkaten

ڪريم جي ناشڪري ڪرڻ ڪيئن آهي؟ اي ڪاش جو اسان کي پورو بيان سٺين سٺين نيتن ۽ مڪمل توجھ سان ٻڌڻ نصيب ٿي وڃي۔

 اٰمِين بِجَاه النَّبِي الاَمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ

اچو! سڀ کان پهريان هڪ واقعو ٻڌون ٿا۔

محبوبِ خُدا جا محبوب

      منقول آهي ته هڪ ڀيري فُقرا (غريب) صحابَه  ڪرام رِضْوَانُ الله عَلَيهمْ اَجْمَعِين بارگاھِ رسالت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ۾ پنهنجو نمائندو موڪليو، جنهن آقا ڪريم، رؤف رّحيم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خِدمَت ۾ حاضر ٿي عرض ڪيو: مان غريبن جو نمائندو بڻجي حاضر ٿيو آهيان۔ مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: توکي به مرحبا ۽ انهن کي به جن وٽان تون آيو آهين! تون اهڙن ماڻهن وٽان آيو آهين جن سان مان محبت ڪيان ٿو۔ نمائندي عرض ڪيو: يا رَسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! غريبن اها گذارش ڪئي آهي ته مال دار ماڻهو جنّت جا دَرَجات وٺي ويا، اهي حج ڪن ٿا ۽ اسان کي ان جي اِستِطاعَت ناهي، اهي عمرو ڪن ٿا ۽ اسان ان تي قادِر نه آهيون، اهي بيمار ٿين ٿا ته پنهنجو وڌيڪ مال صَدَقو ڪري آخرت جي لاءِ ثواب گڏ ڪندا آهن۔ پاڻ ڪريمصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: منهنجي طرفان غريبن کي اهو پيغام پهچايو ته انهن مان جيڪو (پنهنجي غُربَت تي) صَبر ڪري ۽ ثواب جي اُميد رکي ان کي ٽي اهڙيون ڳالهيون حاصل ٿينديون جيڪي مال دارن کي حاصل ناهن:

(1)   پهرين ڳالھ اها ته جنّت ۾ اهڙا بلند محل آهن، جن ڏانهن جنَّت وارا ائين ڏسندا جيئن دنيا وارا آسمان جي تارن کي ڏسندا آهن، انهن ۾ صرف فقر (غربت) اختيار ڪرڻ وارا نبي، شهيد فقير ۽ فقير مومن داخل ٿيندا۔

(2)   ٻي ڳالھ اها ته فُقرا مال دارن کان قيامت جي اڌ ڏينهن جي مقدار يعني 500 سال پهرين جنَّت ۾ داخل ٿيندا۔