Book Name:Ghurbat Ki Barkaten

ڏيندي ارشاد فرمائن ٿا: ياد رکو! فقرو غُربت سعادت جي ڳالھ آهي، آفت جو سبب ناهي۔ غريبن، مسڪينن جا آخِرت ۾ مزا هوندا ڇوته مالي عبادتن جيئن زڪوٰة، فِطرَه، حج وغيره بابت پڇا ڳاڇا کان اَمن ۾ هوندا، ڇاڪاڻ ته اهي اَحڪام مال دار ۽ صاحبِ اِستِطاعت مسلمانن جي لاءِ آهن۔ محشر جي ڏينهن جڏهن ته مال دار رَبِّ ذُوالجَلالعَزَّوَجَلَّ جي بارگاھ ۾ پنهنجي مال جي باري ۾ حساب ڪتاب ڏيڻ ۾ مشغول هوندا، هوڏانهن نادار مُسَلمان الله ڪريم جي رحمت ۽ مَشِيت سان جنّت ۾ داخل ٿي رهيا هوندا ۽ ائين جنّت ۾ فقيرن، غريبن جو داخِلو اميرن کان ڪيئي سو سال پهريان ٿي ويندو،

500سو سال پهريان جنت ۾ داخلو

نبي ڪريم، رَؤفٌ رَّحيم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ دلنشين آهي: يدْخُلُ الْفُقَرَاءُ الْجَنَّۃَ قَبْلَ الْاَغْنِياءِ بِخَمْسِ مِائَۃِ عَامٍ نِصْفِ يوْمٍ يعني مُسَلمان فقراء مالدارن کان اڌ ڏينهن پهريان جنّت ۾ داخِل ٿي ويندا ۽ اهو (اڌ ڏينهن) 500 سالن (جي برابر) هوندو۔“ (ترمذي، کتاب الزھد،باب ما جاء ان فقراء المھاجرين الخ، ۴/۱۵۸،حديث:۲۳۶۱)

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بيان ڪيل حديث سڳوري مان ٻه ڳالھيون معلوم ٿيون۔ پهرين ڳالھ اها ته غريب مسلمان ڪيتري قدر خوش نصيب آهن جو انهن کي جنّت جهڙي عظيم الشان نعمت مالدارن کان 500 سال پهريان ئي نصيب ٿي ويندي۔

ٻي ڳالھ اها ته جنهن وٽ جيترو گھڻو مال هوندو ان کي ايتري قدر آزمائشن ۽ سخت حساب و ڪتاب کي منهن ڏيڻو پوندو، تنهنڪري هن بي وفا دنيا جي مال ودولت جا خواب ڏسڻ ڇڏي ڏيو، ربِّ ڪريم جيڪو عطا ڪيو آهي انهيء  تي راضي رهو۔ ڇوته هن دنيا نه ئي پهريان ڪنهن سان وفا ڪئي آهي نه ئي هاڻ ڪنهن سان وفا ڪندي۔ پر افسوس! اڄڪلھ اسان فڪرِ آخرت کي وساري دنيا کي رنگين بنائڻ جي فڪر ۾ مگن آهيون۔ ٭ اسان حساب و ڪتاب جي سختين کي وساري دنياوي زندگي خوشحال بنائڻ جي فڪر ۾ آهيون۔ ٭