Book Name:Ghurbat Ki Barkaten

      اي عاشقانِ رسول! اسان جي پياري آقا، مديني واري مصطفيٰصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي هن مبارڪ دُعا ۾ غريبن ۽ مسڪينن جي لاءِ خوشخبري ۽ سعادت جي ڳالھ آهي ته انهن کي بروزِ قيامت آقا ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو قُرب نصيب ٿيندو، انهيء ڪري اسان جي صحابه ڪرام ۽ بزرگانِ دين غربت کي پسند فرمايو ۽ مال ودولت ڪمائي ان مان نڪرڻ جي ڪوشش نه فرمائي۔ ڇوته غربت حضور نبيءِ  رحمت، شفيعِ اُمّت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي محبّت جي سوغات آهي،

 فقر آقا جي مَحَبَّت جي سوغات آهي

  حضرت عبدالله بن مُغَفَّل رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا ته هڪ شخص تاجدارِ رسالت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خدمتِ سراپا رحمت ۾ عرض ڪيو: يا رَسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! خُدا جو قسم! مان اوهان سان مَحَبَّت ڪيان ٿو۔ پاڻ سڳورنصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: سوچيو ڇا چئي رهيا آهيو! عرض ڪيو: خُدا جو قسم! مان اوهان سان مَحَبَّت ڪيان ٿو۔ ان ٽي ڀيرا اهي لفظ چيا۔ هن تي  مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن  فرمايائون: جيڪڏهن تُون مون سان  مَحَبَّت ڪرين ٿو ته فَقر جي لاءِ لباس تيار ڪر، ڇوته جيڪو مون سان مَحَبَّت ڪندو آهي، ان ڏانهن فَقر ان کان به وڌيڪ تيزي سان ايندو آهي جھڙي طرح سيلاب ان هنڌ ڏانهن ويندو آهي جتي ان کي ختم ٿيڻو هوندو آهي۔ (ترمذي،کتاب الزھد،باب ماجاء في فضل الفقر، ۴/۱۵۶،حديث: ۲۳۵۷۔چڑيا اوراندھاسانپ،ص۱۰)

      ياد رهي هتي فقر مان مراد دل جي مسڪيني ۽ دل جو مال جي محبّت کان خالي هجڻ آهي۔ (مرآۃ المناجيح،۷/۷۳)

دولتِ عشق سے دل غنی ہے                                 میری قسمت ہے رشکِ سکندر

مِدحتِ مصطَفٰے کی بدولت                                      مل گیا ہے مجھے یہ خزینہ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                        صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد