Book Name:Ghurbat Ki Barkaten

مالداري افضل آهي، اها غربت ۽ مالداري جيڪا ٻانهي کي دِين ۽ شريعت کان دُور ڪري سٺي ناهي، جڏهن ته اها غربت جيڪا ٻانهي کي شريعت جي پيروي، الله تي توڪل ۽ خودداري تي اُڀاري، حقيقت ۾ اها ئي غربت الله پاڪ جي نعمت، نبي رحمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي چاهت آهي۔ ٭  اها ئي غربت جنّت ۾ انبياء، شُهدا جي رفاقت جو سبب آهي۔ ٭ اها ئي غربت الله ڪريم جي رحمتن جي ڇانو جو حقدار بڻائيندي آهي۔ ٭ اها ئي غربت ربِّ ڪريم جي محبوب ٻانهن ۾ شامل ڪرائيندي آهي۔ ٭ اها ئي غربت گناهن کان بچڻ ۾ آساني پيدا ڪندي آهي۔ ٭ اها ئي غربت نيڪيون ڪمائڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿي۔ ٭ اها ئي غربت مالدارن جي مقابلي ۾ وڌيڪ اجرو ثواب حاصل ٿيڻ جو ذريعو بڻجي سگهي ٿي۔ ٭ اها ئي غربت بروزِ قيامت حساب و ڪتاب ۾ آساني جو سبب بڻجي سگهي ٿي۔ ٭ اها ئي غربت مالدارن کان گھڻو پهريان جنت ۾ داخلي جو ذريعو  بڻجي سگھي ٿي۔  ٭  اها ئي غربت مال ودولت جي آفتن کان محفوظ  رهڻ جو سبب آهي۔ الغرض اهڙي غربت جنهن ۾ صبر هجي ان جا بي شمار فائدا آهن۔

آقا ڪريمصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مُبارڪ زندگي

          پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ياد رکو! غربت جون سڀ فضيلتون ۽ برڪتون انهيءَ غريب مسلمان جي لاءِ آهن جيڪو طلبِ ثواب ۽ الله پاڪ جي رضا تي راضي رهندي غُربت تي صبر ڪري۔ غربت ۾ صبر ڪرڻ عظيم عبادت ۽ اَجرِعظيم جو سبب آهي، غربت تي صبر ڪرڻ جو ذهن بنائڻ جي لاءِ اسان کي پنهنجي پياري پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مُبارڪ زندگي کي سامهون رکڻ گھرجي،  پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪيئي ڪيئي ڏينهن تائين پيٽ ڀري کاڌو نه کائيندا هئا، بلڪ پيٽ مبارڪ تي پٿر ٻڌندا هئا، پورو پورو مهينو پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مڪانِ عالي شان جي (چُلھ ۾) باھ نه ٻرندي هئي، ڪجھ کجورن ۽ پاڻي تي گذارو ڪندا هئا،  الغرض پاڻ ڪريمن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ غربت کي پسند فرمايو۔