Book Name:Aala Hazrat Ki Shayri Aur Ishq-e-Rasool

هن مان معلوم ٿئي ٿو ته اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جو ڪلام قرآن ۽ حديث جو آئينه دار آهي ۽ هن ۾ به  ڪو شڪ ناهي ته اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي لکيل هڪ هڪ نعت فنِ شاعري ۾ به ڪمال درجي تي آهي ۽ عشقِ رسول جي نئين نئين جِهتن کان به آگاھ ڪري ٿي۔ جهڙي طرح اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي جسم جو ذرو ذرو رحمتِ عالم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي محبت سان لبريز هو، اهڙي طرح سندن جي نعتيه شاعري جو هر هر لفظ به عشقِ رسول سان لبريز نظر اچي ٿو۔ سندن جو عشقِ رسول ڪمال جي ان درجي تي هو جو اڄ سؤ سال گذرڻ جي باوجود به اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جا لکيل شعر جتي پڙهيا وڃن، ٻڌڻ وارا پنهنجي دلين ۾ عشقِ رسول جي تڙپ کي وڌيڪ وڌندو محسوس ڪندا آهن۔ انهن جون دليون جھومي پونديون آهن، بلا اختيار زبان مان سُبْحَانَ الله سُبْحَانَ الله جون صدائون نڪرندي نظر اينديون آهن۔ اڄ جي بيان جو موضوع به ”اعليٰ حضرت جي شاعري ۽ عشقِ رسول“ آهي۔ الله ڪري ته اسان سڄو بيان توجھ سان ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪري وٺون۔

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

اچو پهريان هڪ حڪايت ٻڌون ٿا:

مالدارن جي چاپلوسي ڇو ڪيان؟

هڪ ڀيري نانپاره رياست (ضلعو بهرائچ يوپي هند) جي نواب جي مدح (يعني تعريف) ۾ شاعرن قصيدا لکيا، سرڪارِ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه به ماهر ۽ عظيم شاعرن مان هئا، ان ڪري ڪجهه ماڻهن اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کي به گذارش ڪئي ته سائين! توهان به نواب صاحب جي مدح ۾ ڪو قصيدو لکو. پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ان جي جواب ۾ هڪ نعت شريف لکي جنهن جو مَطۡـلَع يعني پهريون شعر هيئن آهي

وہ کمالِ حُسنِ حُضُور ہے کہ گمانِ نقص جہاں نہیں

یہی پھول خار سے دُور ہے یہی شمع ہے کہ دھواں نہیں