Book Name:Aala Hazrat Ki Shayri Aur Ishq-e-Rasool

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي نالي رکڻ بابت ڪجھ نڪتا بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو۔

نالو رکڻ بابت ڪجھ مدني گل

      پهريان 2 فرمانِ مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ملاحظه ڪريو: (1) فرمايائون: قيامت جي ڏينهن توهان پنهنجي ۽ پنهنجي ابن ڏاڏن جي نالن سان پڪاريا ويندؤ، تنهنڪري توهان پنهنجا سٺا نالا رکو۔ (ابو داود،ڪتاب الادب باب في تغيير الاسماء،۴/۳۷۴،حديث:۴۹۴۸) (2) فرمايائون: انبياء عَلَيهمُ الصَّلٰوة وَالسَّلام جي نالن تي نالا رکو۔ (ابوداود، ڪتاب الادب باب في تغيير الاسماء،۴/۳۷۴،حديث:۴۹۵۰) ٭ ٻار جي ڪنيت رکڻ جائز آهي ۽ حصولِ برڪت جي لاءِ بزرگن جي نسبت سان ڪنيت رکڻ بهتر آهي، مثال طور ابو تراب (اها حضرت سيدنا علي المرتضيٰ رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ جي ڪنيت آهي) وغيره. (بهارِ شريعت،۳/۲۱۳) ٭ عبدالمصطفيٰ، عبدالنبي ۽ عبدالرسول نالو رکڻ بلڪل جائز آهي ڇوته هن سان شرفِ نسبت مقصود آهي۔ عبد جون ٻه معنائون آهن، ٻانهو ۽ غلام، ان ڪري اهو نالو رکڻ ۾ ڪو حرج ناهي۔ غلام محمد، غلام صديق، غلام فاروق، غلام علي، غلام حسين وغيره نالو رکڻ جن ۾ غلام جي نسبت انبياء وصالحين ڏانهن ڪئي وئي هجي، بلڪل جائز آهي۔ (بهارِ شريعت ، ۳/ص۲۱۳، ماخوذًا)٭  محمد بخش، احمد بخش، پير بخش ۽ انهيءَ قسم جا ٻيا نالا رکڻ جنهن ۾ نبي يا ولي جي نالي سان بخش جو لفظ ملايو ويو هجي، بلڪل جائز آهي۔ (بهارِ شريعت ،۳/۲۱۴) ٭ طه، يسين نالا نه رکيا وڃن ڇوته اهي الفاظ مُقَطَّعَاتِ قُرآنيه مان آهن جن جي معنيٰ معلوم نه آهي۔ (بهارِ شريعت ،۳/۲۱۳) ٭ جيڪي نالا برُا هجن انهن کي بدلي سٺا نالا رکڻ گھرجن۔ (بهارِ شريعت ،۳/۲۱۳)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب “سنتیںاورآداب” هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر آهي.