Book Name:Aala Hazrat Ki Shayri Aur Ishq-e-Rasool

آهي جڏهن ته مديني جو چنڊ جيڪڏهن نور جي جھلڪ به عطا فرمائي ڇڏي ته دنيا ۽ آخرت ٻئي روشن ٿي وڃن ٿا۔ انهيءَ ڪري هڪ ٻي هنڌ تي نور جي خيرات وٺڻ جي لاءِ عرض ڪن ٿا:

چمک تجھ سے پاتے ہیں سب پانے والے

مِرا دِل بھی چمکا دے چمکانے والے

(حدائقِ بخشش، ص۱۵۸)

 چوڏھين جو چنڊ ۽ طيبه جو چنڊ

(5) هڪ ٻي هنڌ تي فرمائن ٿا ته چنڊ سج ته آقا ڪريم، رسولِ عظيم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي رُخِ روشن جي سامهون ڪجھ به نه آهن، جيئن اِرشاد فرمائن ٿا:

خُورشید تھا کِس زور پر کیا بڑھ کے چمکا تھا قمر

بے پردہ جب وہ رُخ ہوا یہ بھی نہیں وہ بھی نہیں

(حدائقِ بخشش، ص۱۱۰)

يعني عين منجھند جي وقت سج پنهنجي عروج تي هجي، پوءِ رات ٿي وڃي ۽ چنڊ پنهنجي جوڀن تي اچي، ايتري ۾ جانِ عالَم، شاھ بني آدم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو رُخِ انور پردي مان ٻاهر اچي ته سج به شرمائجي ويندو، چنڊ به حيران ٿي منهن لڪائيندو ڇوته جهڙا منهنجا سرڪار آهن اهڙو ٻيو ڪو ناهي۔ هن ۾ ان حديثِ پاڪ ڏانهن اشارو به آهي ته حضرت جابر بن سَمُره رَضِی اللّٰه عَنْه فرمائن ٿا: هڪ ڀيري مون رَسُوۡلُ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي چانڊوڪي رات ۾ سُرخ (لڪيرن وارو) جبو پائيندي ڏٺو، مون ڪڏهن چنڊ جي طرف ٿي ڏٺو ۽ ڪڏهن سَرڪار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي چہري اَنور جي طرف ٿي ڏٺو، ته مون کي سندن جو چہرو چنڊ کان به وڌيڪ خُوبصُورت نظر ٿي آيو۔ (سنن الترمذي،ڪتاب الأدب، باب ماجاء في الرخصۃ في لبس ۔۔۔الخ، الحديث:۲۸۲۰، ۴/۳۷۰)

حڪيمُ الاُمَّت مفتي احمديار خان نعيمي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه هن حديثِ پاڪ جي شرح بيان ڪندي فرمائن ٿا؛ ٭ صَحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان جون نگاهون حقيقت کي ڏسڻ واريون هيون۔ ٭ ڪيئي سبب جي ڪري نبي اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو چهرو چنڊ کان به وڌيڪ حسين آهي۔ ٭ چنڊ صرف ٽي راتيون چمڪندو آهي هي چهرو هميشه هر ڏينهن رات چمڪي ٿو۔ ٭ چنڊ جسمن تي