Book Name:Aala Hazrat Ki Shayri Aur Ishq-e-Rasool

سِتَم کِیا کیسی مَت کٹی تھی قمر! وہ خاک اُن کے رہ گُزر کی

اُٹھا نہ لایا کہ مَلتے مَلتے یہ داغ سب دیکھتا مٹے تھے

(حدائقِ بخشش، ص۲۳۲)

  يعني اي چنڊ تنهنجي عقل کي ڇا ٿيو آهي جو ايترو وڏو ستم ڪري ويٺين، جڏهن معراج جي رات آقا ڪريم، رسولِ عظيم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ آسمانن جي سير جي لاءِ تشريف فرما ٿيا هئا ته انهن جي گذرڻ واري واٽ جي خاڪ کڻي وڃين ها ۽ پنهنجي داغن تي مَلندو رهين ها۔ تون جي هن خاڪ کي ملين ها ته تنهنجا سمورا داغ ختم ٿي وڃن ها۔

(3) هڪ ٻي هنڌ سرڪارِ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه هن چنڊ کي رسولِ اڪرم، نورِ مُجَسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ننڍپڻ جو رانديڪو قرار ڏين ٿا۔ جنهن ۾ هن حديثِ پاڪ ڏانهن اشارو آهي ته حضرت عبّاس رَضِی الله عَنْه فرمائن ٿا ته مون عرض ڪيو: يارسول الله! صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مون کي ته اوهان جي نُبُوَّت جي نشانين دِينِ اِسلام ۾ داخل ٿيڻ جي دعوت ڏني هئي۔ مون ڏٺو ته پاڻ سڳورا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پينگھي ۾ چنڊ سان ڳالهيون ڪن پيا ۽ پنهنجي آڱر سان جنهن پاسي اشارو ڪن پيا، چنڊ انهيء پاسي جُھڪي پيو وڃي۔ (جمع الجوامع، ۳/۲۱۲، حديث:۸۳۶۱) ان ڪري اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا:

چاند جھک جاتا جِدھر اُنگلی اٹھاتے مَہد میں

کیا ہی چلتا تھا اشاروں پر کھلونا نور کا

(حدائقِ بخشش، ص۲۴۹)

(4) هڪ ٻي هنڌ تي فرمائن ٿا :

ماہِ مَدینہ اپنی تَجَلِّی عطا کرے!

یہ ڈھلتی چاندنی تو پہر دو پہر کی ہے

(حدائقِ بخشش، ص۲۰۲)     

يعني هڪ آسمانن جو چنڊ آهي ۽ هڪ مديني جو چنڊ آهي۔ آسمانن جو چنڊ به روشني پکيڙندو آهي مديني جو چنڊ به نور جي خيرات ورهائيندو آهي، آسمانن جو چنڊ جيڪا روشني ڏيندو آهي اها هڪ ٻه پهر تائين جي لاءِ هوندي