Book Name:Aala Hazrat Ki Shayri Aur Ishq-e-Rasool

حڪيمُ الْاُمَّت حضر تِ مفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه وغيره۔ وڌيڪ فرمائن ٿا جيڪڏهن غيرِ عالم شاعِر جو ڪلام پڙھڻ ٻڌڻ چاهيو ته ڪنهن ماهرِ فن سُنّي عالِم کان ان ڪلام جي پهريان تصديق ڪرائي وٺو۔ هن طرح اِنْ شَآءَ الله ايمان جي حفاظت ۾ مدد ملندي۔ (کفريه کلمات کے بارے میں سوال جواب ، ص۲۳۷،۲۳۸)

اَلْحَمْدُ لِلّٰه! دعوتِ اسلامي جي اداري مڪتبة المدينه انهن بزرگن مان اڪثر جا ڪلام خوشنما انداز ۾ ڇاپي ڇڏيا آهن۔ انهن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي قريبي مڪتبة المدينه تان رابطو فرمايو ۽ نورِ مصطفيٰ جي خيرات، دل ۾ محبتِ مصطفيٰ وڌائڻ ۽ نيڪ ڪمن تي عمل جو جذبو حاصل ڪرڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ۽ ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن ۾ خوب وڌ کان وڌ حصو وٺڻ وارا بڻجي وڃو۔ 12 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ”قافلو“ به آهي۔

12مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم” قافلو“

  اَلْحَمْدُ لِلّٰه راھ خدا ۾ سفر ڪندڙ قافِلن جي بَرَڪت سان خبر ناهي ڪيترن ماڻهن جي زندگين ۾ انقلاب برپا ٿي چڪو آهي۔ ٭ قافِلي ۾ سفر ڪرڻ سان نيڪ ماڻهن جي صحبت ملندي آهي۔ ٭ قافِلي جي بَرَڪت سان مسجد ۾ نَفلي اِعتڪاف ڪرڻ جي سعادت ملندي آهي۔ ٭ قافِلي جي بَرَڪت سان بي نمازين کي نمازن جي اَهمِّيت معلوم ٿيندي آهي۔ ٭ قافِلي جي بَرَڪت سان کوڙ ديني مسئلا سکڻ جي سعادت ملندي آهي۔ ٭ قافِلي جي بَرَڪت سان مسجدن ۾ ذِڪر ۽ اَذڪار، دَرس ۽ بَيانن جو سِلسِلو جاري رهندو آهي۔ ٭ قافِلي جي بَرَڪت سان مسجدون آباد ٿينديون آهن۔ ٭ ۽ مسجدن کي آباد ڪرڻ جي ته ڇا ڳالھ ڪجي! حديثِ پاڪ ۾ آهي: جڏهن ڪو ٻانهو ذِڪر ۽ نَماز جي لاءِ مسجد کي ٺڪاڻو بڻائيندو آهي ته الله پاڪ ان کان اهڙو خوش ٿيندو آهي جيئن ماڻهو پنهنجي وڃائجي ويل شخص جي واپس موٽڻ تي خوش ٿيندا آهن۔'' (ابن ماجه،ڪتا ب المساجد … الخ،با ب لزوم المساجد …الخ،۱/ ۴۳۸، رقم :۸۰۰)

اچو! ترغيب لاءِ  قافِلي جي هڪ مَدَني بهار ٻڌون ٿا، جيئن