Book Name:Aala Hazrat Ki Shayri Aur Ishq-e-Rasool

ڪري، جنهن کي دُنيا جي ذليل دَولت ماڻڻ جي لالَچ هجي، جڏهن ته الله وارا ته قَناعت جي قيمتي دولت سان مالا مال هوندا آهن، الله وارن جي نظر دولتمندن جي فاني مال تي نه بلڪ الله وارن کي رَحمتِ الٰهي تي ڀروسو هوندو آهي، الله وارن جي دل محبتِ اِلٰهي ۽ محبتِ رسول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان سرشار هوندي آهي۔ ياد رکو! مالدارن جي چاپلوسي ڪرڻ، انهن جي خوشامد ڪرڻ شرعي طور سخت ممنوع ۽ دِين جي لاءِ نقصانڪار آهي۔ اچو خوشامد  جي مذمت بابت 2 حديث سڳوريون ٻڌون ٿا:

ارشاد فرمايائون: جڏهن ڪنهن قرآن پڙھيو ۽ تَفَقُّہ فِي الدّين حاصِل ڪيو (يعني عالم بڻيو) پوءِ بادشاھ جي دروازي تي اُن جي چاپلُوسي ڪئي ۽ (اُن جي) مال جي لالچ ۾ آيو ته اهو بادشاھ جي گناهن جي برابر دوزخ جي باھ ۾ داخل ٿيو۔ (مسند الفردوس ،۱/۲۸۹ ،حديث:۱۱۳۴)

2۔ ارشاد فرمايائون: مِنْ خُلُقِ الْمُؤْمِنِ التَّمَلُّقُ يعني مسلمان خوشامد ڪندڙ ناهي هوندو۔ (شعب الايمان، باب في حفظ اللسان،۴/۲۲۴ ،حديث: ۴۸۶۳)

      اي عاشقانِ رسول! معلوم ٿيو ته اميرن سان اهڙو تعلق رکڻ جنهن ۾ دِين ۽ خُود داري تي سمجھوتو ڪرڻو پوي اهو سٺو نه آهي۔البت نيڪي جي دعوت ڏيڻ جي لاءِ انهن وٽ ضرور وڃڻ گھرجي۔ الله پاڪ اخلاص سان دِين جي خدمت جي توفيق عطا فرمائي۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

عشق ۽ مَحَبَّت ڇا کي چئبو آهي؟

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي شاعري ۽ سندن جي عشقِ رسول بابت ٻڌي رهيا هئاسين۔ عشق ڇا کي چئبو آهي؟ محبت ڇا آهي، حُجَّةُ الاسلام حضرتِ امام محمد بن محمد غزالي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه مَحَبَّت جي وصف بيان ڪندي فرمائن ٿا: طبيعت جو ڪنهن لذيذ شيء ڏانهن مائل ٿي وڃڻ ”مَحَبَّت“ چورائيندو آهي۔ ۽ جڏهن اهو ميلان قوي ۽ پختو (يعني گھڻو مضبوط ۽ شديد) ٿي وڃي ته ان کي ”عشق“ چوندا آهن۔ (احياء العلوم، ڪتاب المحبة والشوق…الخ، بيان حقيقة المحبة…الخ ،۵/۶)