Book Name:Aala Hazrat Ki Shayri Aur Ishq-e-Rasool

(حدائقِ بخشش،ص۱۰۷)

 يعني رحمت عالم، شاھ بني آدم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن جو حسن ۽ جمال جو ڪمال اهو آهي ته هن ۾ ڪا خامي هجڻ ته پري جي ڳالهه خامي جو گمان به نٿو ڪري سگھجي.

ٻي مصرع جو مطلب آهي عام طور هر گل سان گڏ ڪنڊا هوندا آهن باهه سان گڏ دونهون به ٿيندو آهي، پر حضور عَلَيه الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَام باغِ رسالت جا اهڙا گل آهن جنهن ۾ ڪو ڪنڊو نه آهي ۽ پاڻ اهڙي شمع آهن جنهن ۾ ڪو دونھون نه آهي۔

هن ڪلام جي مَقطَع يعني آخري شعر ۾ رياست نان پاره جي نواب صاحب جي تعريف ۾ قصيدو نه لکڻ جي نفيس ۽ عشق ۽ محبت سان ڀرپور سبب هن طرح بيان فرمايو ته

کروں مدحِ اہلِ دُوَل رضا پڑے اس بلا میں مِری بلا

میں گدا ہوں اپنے کریم کا مِرا دین پارۂ ناں نہیں

(حدائقِ بخشش،ص۱۰۹)

 يعني اي رضا مان دولت مندن، دنيا جي نوابن ۽ حڪمرانن جي تعريف ۽ خوشامد ڇو ڪيان؟ ائين هرگز نٿو ٿي سگھي۔ مالدارن جي خوشامد ڪرڻ هڪ بلا (مصيبت) آهي ۽ هن بلا ۾ منهنجي بلا ئي پوي۔ (يعني مون سان ته ائين ٿئي نٿو سگھي) جڏهن ته ٻي مِصرَع ۾ فرمائن ٿا ته مان ته پنهنجي رسولِ ڪريم، محبوبِ عظيم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي درٻار جو سوالي آهيان، منهنجو دِين ”ماني جو ٽڪرو“ ناهي جو جيڏانهن ”مال“ ڏٺو اوڏانهن لڙي وڃان۔ (ملفوظات اعليٰ حضرت ،ص۳۰ماخوذًا) الله پاڪ اسان کي به اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جهڙي خود داري نصيب فرمائي۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ 

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                         صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

خوشامدي کان بچون

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بيان ڪيل حڪايت مان معلوم ٿيو! الله وارا دنيا وارن جي خُوشامد ۽ چاپلوسي ناهن ڪندا، ڇوته دولت مندن جي خُوشامد ته اهو