Book Name:Aala Hazrat Ki Shayri Aur Ishq-e-Rasool

کي ان جو عشقِ رسول نيڪين ۾ مصروف رکندو۔ سچي عاشق رسول کي ان جو عشقِ رسول عمل تي اُڀاريندو۔ سچي عاشق رسول کي ان جو عشقِ رسول آخرت جي تياري ڪرائيندو۔ سچي عاشقِ رسول کي ان جو عشقِ رسول ظاهر ۽ باطن کي بهتر ڪرڻ تي اُڪسائيندو ۽ اِنْ شَآءَ الله سچي عاشق رسول کي ان جو عشقِ رسول بروزِ قيامت جهنم کان بچائي جنت ۾ داخل ڪرائيندو۔ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه  ڪيتري نه پياري ڳالھ ارشاد فرمائي، پاڻ فرمائن ٿا:

اے عشق تیرے صدقے جلنے سے چھٹے سستے

جو آگ بجھا دے گی وہ آگ لگائی ہے

(حدائق بخشش، ص ۱۹۳)

          شعر جي وضاحت: عام طور ائين ٿيندو آهي ته باھ سان باھ نه وسائبي، بلڪ باھ سان باھ وڌيڪ وڌي ويندي آهي، پر سرڪارِ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا دنيا ۾ هڪ اهڙي باھ به آهي جيڪا جهنم جي باھ کان بچائيندي آهي ۽ اها باھ آهي سيدِ عالم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي عشق جي باھ۔ ڇوته جيڪڏهن اها باھ دل ۾ پيدا ٿي وڃي ته اها ئي باھ جهنم جي باھ کان بچائي ڇڏيندي ۽ اهو نهايت ئي سستو سودو آهي۔

جشنِ وِلادت جي باري ۾ مڪتوبِ عطَّار

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! صَفَرُالْمُظَفَّر جو مُبَارَڪ مهينو پنهنجي پڄاڻي ڏانهن وڃي رهيو آهي۔ پوءِ اِنْ شَآءَ الله رَبِيعُ الْاَوَّل جو نُوراني مهينو پنهنجي زور ۽ شور سان جَلْوَه گَر ٿيندو۔

اَميرِاَهلسُنَّت، باني دعوتِ اسلامي حضرت علامه مولانا ابُو بلال محمدالياس عطّار قادِرِي رَضَوِي ضِيائي دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه جَشنِ مِيلَاد ملهائڻ وارن عاشقانِ مِيلاد کي پنهنجي مڪتوب (Letter) ۾ ڪجھ اَهمّ مَدَني گل عطا فرمايا آهن۔ اچو! اسان به اهو ”مڪتوبِ عطّار“ تَوَجُّه سان ٻڌڻ جي سَعادت حاصل ڪريون ٿا:

مڪتوبِ عطّار:

بِسْم اللّٰه الرَّحْمٰنِِ الرَّحِيمط سگِ مدينه محمدالياس عطّارقادِرِي رَضَوِي عُفِي عَنْه جي طرفان تمام عاشقان رسول اسلامي ڀائرن/ اسلامي ڀينرن جي خدمت ۾ جشن