Book Name:Aala Hazrat Ki Shayri Aur Ishq-e-Rasool

وَ الشُّعَرَآءُ یَتَّبِعُهُمُ الْغَاوٗنَؕ(۲۲۴) اَلَمْ تَرَ اَنَّهُمْ فِیْ كُلِّ وَادٍ یَّهِیْمُوْنَۙ(۲۲۵) وَ اَنَّهُمْ یَقُوْلُوْنَ مَا لَا یَفْعَلُوْنَۙ(۲۲۶)  (پ۱۹،الشعراء:۲۲۴تا۲۲۶)                                                                                                                                                        

تَرْجمو ڪنز الايمان: ۽ شاعرن جي پيروي گمراھ ڪندا آهن. ڇا تو نه ڏٺو ته اهي هر وادي ۾ ڀٽڪندا ڦرندا آهن. ۽ اهو ڪجھ چوندا آهن جيڪي ڪندا ناهن.

هن آيت سڳوري تحت تفسير صِراطُ الجِنَان ۾ لکيل آهي ته هن مان معلوم ٿيو ته شاعرن جو ڪوڙا ۽ باطل شعر لکڻ، انهن کي پڙهڻ، ٻين کي ٻڌائڻ ۽ انهن کي معاشري ۾ رائج ڪرڻ گمراھ ماڻهن جو ڪم آهي، هن مان انهن ماڻهن کي نصيحت حاصل ڪرڻ گھرجي جيڪي اهڙا شعر لکن ٿا جن ۾ الله پاڪ ۽ نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي توهين، دين ِاسلام ۽ قرآن جو مذاق اڏائڻ ۽ الله پاڪ جي بارگاھ جي مقرب ٻانهن جي شان ۾ گستاخي جا ڪلمات هوندا آهن، ائين ئي بي حيائي، عُرياني ۽ فحاشي جي ترغيب تي مشتمل، عورت ۽ مرد جي نفساني جذبات کي ڀڙڪائڻ وارن لفظن سان شاعري ڪندا آهن ۽ انهن سان گڏوگڏ اهي ماڻهو به نصيحت حاصل ڪن جيڪي انهن جي بيهوده شاعري ٻڌن، پڙھن ۽ ٻين کي ٻڌائن ٿا۔ ( تفسير صراط الجنان، ۷/۱۷۱)

ڪنهن ڪنهن جو ڪلام پڙهڻ گھرجي؟

امير اهلسنت ،حضرت علامه مولانا محمد الياس عطار قادري دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه فرمائن ٿا: ڪلام کي شريعت جي ڪسوٽي تي پرکڻ جي هر هڪ ۾ صلاحيت ناهي هوندي، تنهنڪري عافيت انهيء ۾ آهي ته مُستَند علماءِ اهلسنّت جو ڪلام ٻڌو وڃي۔ اردو ڪلام ٻڌڻ جي لاءِ مشوري طور ''نعتِ رسول'' جي 7 اکرن جي نسبت سان 7 نعت لکندڙن جا نالا حاضِر آهن: (1) امامِ اهلسنّت، موليٰنا شاھ امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه (2) اُستاذِ زَمَن حضرت مولانا حسن رضا خان رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه (3) خليفهءِ اعليٰ حضرت مَدّاحُ الحبيب حضرت موليٰنا جميل الرحمٰن رضوي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه (4) شهزادهءِ اعليٰ حضرت، تاجدارِ اهلسنّت حُضور مفتيءِ اعظم هند موليٰنا مصطَفيٰ رضا خان رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه (5) شهزادهءِ اعليٰ حضرت ، حُجَّۃُ الاسْلام حضرتِ موليٰنا حامد رضا خان رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه (6) خليفهءِ اعليٰ حضرت صدرُ الافاضِل حضرتِ علامه موليٰنا سيد محمد نعيم الدّين مُراد آبادي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه، (7)