Book Name:Aala Hazrat Ki Shayri Aur Ishq-e-Rasool

چمڪندو آهي چهرهءِ مصطفيٰ جسمن سان گڏ دلين تي به چمڪندو آهي۔ ٭ چنڊ نورِ اَبدان (يعني جسمن) کي نُور ڏيندو آهي، جڏهن ته چهرهءِ مصطفوي اِيمان کي نور ڏيندو آهي۔ ٭ چنڊ گھٽجندو وري وڌندو آهي جڏهن ته چهرهءِ مصطفيٰ گھٽجڻ کان محفوظ آهي۔ ٭ چنڊ کي گِرهڻ لڳندو آهي جڏهن ته چهرهءِ مصطفيٰ کي ڪڏهن نه لڳي، ٭ چنڊ سان عالَمِ اَجسام جو نظام قائم آهي، حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان عالَمِ ايمان جو نظام قائم آهي.  (مرآۃ المناجيح،۸/۶۰ ملخصاً)

آسماں کے چاند میں تو پھیکا پھیکا نور ہے                             آگیا وہ نور والا جس کا سارا نور ہے

صبحِ میلادُ النَّبی ہے کیا سُہانا نور ہے                                 آگیا وہ نور والا جس کا سارا نور ہے

آنکھ والو آؤ دیکھو ماہِ طیبہ کی ضیا                                    آسماں کے چاند میں تو پھیکا پھیکا نور ہے

تُو نہ ہوتا تو نہ ہوتا دو جہاں کا انتظام                                تُو زمیں کا نور ہے تُو آسماں کا نور ہے

 صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                    صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي شاعري ۽ عشقِ رسول بابت ٻڌي رهيا هئاسين، عشقِ رسول تي مشتمل شاعري ٻڌڻ جو هڪ فائدو اهو به ٿيندو آهي ته هن سان دل ۾ محبتِ خدا ۽ عشقِ مصطفيٰ ۾ اضافو ٿيندو آهي۔ پر ان جي لاءِ اهو ضروري آهي ته اشعار صحيح هجن ۽ اشعار لکڻ وارو خوفِ خدا ۽ عشقِ مصطفيٰ سان معمور هئڻ سان گڏوگڏ دين ۽ شريعت جي ضروري مسئلن سان به واقف هجي۔ اَمِيرِ اهلسنّت بانيءِ دعوتِ اسلامي حضرتِ علّامه مولانا محمد الياس عطّار قادِري دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه هن ڳالھ جي رهنمائي ڪندي پنهنجي مشهور تاليف ”کفريه کلمات کے بارے ميں سوال جواب“ ۾ لکن ٿا: سرڪارِ اعليٰ حضرت، امام اَحمد رَضا خان رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي ارشادن جو خُلاصو آهي ته جاهل نعت لکندڙن شاعرن جا ڪلام ڪڏهن ڪڏهن  ڪفرِيات سان ڀرپور هوندا آهن، تنهنڪري اهڙا ڪلام پڙھڻ وارن کي محفلِ نعت ۾ گهرائڻ به ناجائز، اهڙي نعت خواني ۾ ڪنهن کي موڪلڻ به حرام ۽ اهڙي ڪلام جو ٻڌڻ به گناھ آهي۔ (کفريه کلمات کے بارے ميں سوال جواب ، ص۲۳۴)

جڏهن ته سيپاري 19سُوْرةُالشُّعَرَاء ۾ ارشاد آهي: