Book Name:Aala Hazrat Ki Shayri Aur Ishq-e-Rasool

عیدِ میلادُ النّبی تو عید کی بھی عید ہے                     بالیقیں ہے عید  ِعیداں عیدِ میلادُ النّبی

(وسائلِ بخشش مرمم، ص۳۸۰)

مٺا مٺا آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ 12 سومر شريف تي روزو رکي پنهنجي ولادت جو ڏينهن ملهائيندا رهيا، توهان به ياد مصـطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ۾ ١٢ ربيع الاول شريف جو روزو رکـي ڪري سائـو جهنڊو کڻي جلوسِ ميلاد ۾ شريڪ ٿيو. جيستائين ممڪن ٿئي با وضو رهو ۽ زبان تي درود و سلام ۽ نعتن جا نغمه ڳائيندي ۽ درود ۽ سلام جا گل پيش ڪندي نگاهون جهڪائيندي باوقار طريقي سان هلو. ٺينگ ٽپا ڏيندي هلڻ سان ڪنهن کي تنقيد جو موقعو نه ڏيو.

ربیعُ الاوّل تجھ پر اَہلسنّت کیوں نہ ہوں قرباں                     کہ تیری بارھویں تاریخ وہ جانِ قمر آیا

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                        صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

مجلس حج و عمرو

   اي عاشقانِ رسول! اَلْحَمْدُ لِلّٰه دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول ۾ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي تعليمات تي عمل سان گڏ سندن نقشِ قدم تي هلڻ جو ذهن ڏنو ويندو آهي۔ اوهان به هن مدني ماحول سان وابسته ٿي وڃو۔ اَلْحَمْدُ لِلّٰه! الله پاڪ جي فَضل ۽ ڪرم سان دعوتِ اِسلامي 107 شعبن ۾ نيڪي جي دعوت جون ڌومون مچائڻ ۾ مصروف آهي، انهن مان هڪ شُعبَو ’’مجلسِ حج وعُمره‘‘ به آهي جنهن جي ذريعي حج و عُمره جي لاءِ وڃڻ وارن اِسلامي ڀائرن ۽ اِسلامي ڀينرن کي "نماز جا ضروري ۽ بنيادي مسئلا سيکاريا ويندا آهن، حج وعمره بابت مختلف احڪام ٻڌائيندا آهن، مختلف دُعائون ياد ڪرائيندا آهن، مڪه و مدينه جي باادب ۽ باذوق حاضري جو طريقو ٻڌائيندا آهن۔ اَلْحَمْدُ لِلّٰه هن مجلس جي تَحت حج وزيارتِ مدينه جي لاءِ مڪي مديني وڃڻ وارن کي اميرِ اهلسنّت دَامَت بَرکاتُهُمُ العَاليه جا تحرير ڪيل ڪتاب ”رَفِيقُ الْحَرَمَين“ ۽ ”رَفِيقُ الْمُعْتَمِرِين“ به تحفي طور پيش ڪيا ويندا آهن ته جيئن الله جي گھر جا مهمان ۽ حبيبِ خدا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا عاشق هن عِبادت کي سٺي طريقي سان ادا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن۔

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد