Book Name:Aala Hazrat Ki Shayri Aur Ishq-e-Rasool

اهو به آهي ته سندن جي هر هر ادا سان محبت ڪئي وڃي۔ ٭ عشقِ رسول جو هڪ تقاضو اهو به آهي ته کين تي نازل ٿيڻ واري ڪتاب قرآنِ ڪريم جي تلاوت ڪئي وڃي، ان کي سمجھيو وڃي ۽ ان تي عمل ڪيو وڃي۔ ٭عشقِ رسول جو هڪ تقاضو اهو به آهي ته پنهنجي زندگي کي سُنّتن تي عمل ڪندي گذاريو وڃي۔ ٭ عشقِ رسول جو هڪ تقاضو اهو به آهي ته اسان کي پنهنجي آٓقا ۽ مولا، جنابِ احمدِ مجتبيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي سيرت ۽ ڪردار کي اپنائڻ گھرجي۔ ٭ عشقِ رسول جو هڪ تقاضو اهو به آهي ته هڪ به نماز قضا نه ڪئي وڃي۔ ٭ عشقِ رسول جو هڪ تقاضو اهو به آهي ته ڪوڙ کان بچيو وڃي۔ ٭ عشقِ رسول جو هڪ تقاضو اهو به آهي ته غيبت ۽ چغلي کان بچيو وڃي۔٭عشقِ رسول جو هڪ تقاضو اهو به آهي ته هر ان ڪم کان بچيو وڃي جنهن کان پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  منع فرمايو آهي۔

سلامِ رضا جي گُونج

اي ڪاش! اسان کي به حقيقي عشق ۾ جيئڻ مرڻ نصيب ٿي وڃي۔ هن ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته جڏهن ڪنهن کي ڪنهن سان محبت ۽ عشق ٿي وڃي ته عاشق پنهنجي قلبي جذبات جو اظهار ۽ محبوب جي تعريف ۽ توصيف بيان ڪرڻ جي لاءِ ڪڏهن ڪڏهن شاعري جو سهارو وٺندو آهي، ڇوته پنهنجي دِلي جذبن کي شعرن جي ذريعي تمام سٺي انداز ۾ بيان ڪري سگھجي ٿو۔ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه به عشقِ مصطفيٰ جي اِظهار جي لاءِ نعتيه شاعريءَ واري واٽ به اِختيار ڪئي۔ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جو نعتيه ڪلام بنام ”حدائقِ بخشش“عشقِ رسول سان مالا مال نعتيه شاعري جو هڪ عظيم مجموعو آهي۔ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه  جي قلم سان لکيل هڪ هڪ شعر شريعت جي عين مُطابق آهي۔

مناظرِ ڪائنات ۽ حدائقِ بخشش

جيڪڏهن اسان غور ڪريون ته سمجھ ايندو ته هي ڪائنات حسين نظارن سان ڀريل پئي آهي، انهن منظرن ۽ نظارن کي هر ڪو پنهنجي نقطهءِ نظر سان ڏسندو آهي، سائنسدان(Scientist) انهن کي پنهنجي سائنس جي روشني ۾ ڏسندو آهي، جغرافيه دان (Geographer)انهن کي پنهنجي علم جي روشني ۾ ڏسندو آهي، ڪيمسٽري وارو انهن کي علمِ ڪيمسٽري جي نگاھ سان ڏسندو آهي جڏهن ته سرڪارِ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه ڇوته پڪا عاشقِ رسول هئا، ان ڪري پاڻ انهن