Book Name:Aala Hazrat Ki Shayri Aur Ishq-e-Rasool

نِيتون ڪري وٺون ٿا. فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ:  نِيَّةُ الۡمُؤۡمِنِ خَيۡرٌ مِّنۡ عَمَلِهٖ  يعني مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي. (المعجم الڪبير،سهل بن الساعدي...الخ ج 6، ص 185، الحديث: 5942)

ٻه مدني گُل:  (1) بغير سٺي نيّت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.

      (2) جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

٭ نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندس ٭ ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندس ٭ ضرورت پوڻ تي ٻين جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندس ٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندس ٭ صَـلُّـوا عَلَی الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـی الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن جي دِل جوئي جي لاءِ بلند آواز سان جواب ڏيندس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندس۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اڄ صَفَرُ المُظَفّر جي پنجويهين رات آهي ۽ پنجويھ (25) صَفَرُ المُظَفّر تي سڄي دُنيا ۾ اعليٰ حضرت، امامِ اهلسنت، پروانهءِ شمعِ رسالت، مُجدِّدِ دين و ملت، باعثِ خير و برڪت، امامِ عشق ومحبت امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جو عُرس ملهايو ويندو آهي، دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول ۾ هن بابرڪت موقعي تي باقاعده اجتماع يومِ رضا جو اِنعقاد ڪيو ويندو آهي، جنهن ۾ قرآن خواني، نعت خواني ۽ سيرتِ اعليٰ حضرت تي بيانات وغيره جو شيڊيول هوندو آهي، هن سال ڇوته اهو اجتماع يومِ رضا جمعي جي رات جو آهي ۽ دعوتِ اسلامي جو هفتيوار اجتماع اڪثر شهرن ۾ شبِ جمعه (خميس ۽ جمعي جي وچين رات) جو ئي ٿيندو آهي، ان ڪري هن ڀيري سڄي ملڪ ۾ اجتماع يومِ رضا ۽ هفتيواراجتماع گڏجي ٿي رهيا آهن۔

اچو! سڀ کان پهريان اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي سيرت جون ڪجھ مختصر جھلڪيون ٻڌون ٿا، ٭ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي ولادتِ باسعادت 10شوَّالُ المُڪرَّم ڇنڇر جي ڏينهن ٿي ۔ ٭ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه لڳ ڀڳ 4