Book Name:Aala Hazrat Ki Shayri Aur Ishq-e-Rasool

مدني قافلي جي برڪت سان روزگار ملي ويو

    ملتان (پنجاب، پاڪستان) جي رهائشي هڪ اسلامي ڀاءُ جي بيان جو خلاصو آهي ته هو ڪافي عرصي کان روز گار جي سلسلي ۾ پريشان هو، کوڙ هنڌن تي انٽرويو به ڏنائين پر ڪو خاطر خواھ جواب نه آيو۔ انهيء دوران خوش قسمتي سان ان جي ملاقات دعوتِ اسلامي سان وابسته هڪ اسلامي ڀاءُ سان ٿي، ان تسلي ڏيندي چيو: پيارا ڀاءُ گھٻرائڻ جي ڪا ڳالھ ناهي اوهان دعوتِ اسلامي جي قافلي ۾ سفر ڪريو، اتي بيروزگاري کان نجات جي دعا ڪريو، اِنْ شَآءَ الله ڪرم ٿيندو۔ ڪجھ ئي ڏينهن ۾ هڪ ڪمپني ۾ ان جو انٽرويو هو، ان ارادو ڪيو ته انٽرويو کان پوءِ ٽن ڏينهن جي قافلي ۾ سفر ڪندس۔ انٽرويو کان پوءِ هو قافلي جو مسافر بڻجي ويو۔ اڃان قافلي جو ٻيو ئي ڏينهن هو ته ان کي خبر ملي ته انٽرويو ۾ ڪامياب ٿي چڪو آهي، پوءِ  قافلي کان واپسي جي ڪجھ ڏينهن بعد ئي ان کي ڪمپني جي طرفان ليٽر به ملي ويو۔ اهڙي طرح اَلْحَمْدُلِلّٰه  قافلي جي برڪت سان ان کي روز گار ملي ويو۔

نوکری چاہئے، آئیے آئیے                                              قافلے میں چلیں، قافلے میں چلو

تنگدستی مٹے، دُور آفت ہٹے                                            لینے کو بَرَکتیں، قافلے میں چلو

دُور بیماریاں اور پریشانیاں                                                ہوں گی بس چل پڑیں، قافِلے میں چلو

سُن لے عطاّرؔ کی، اپنے غمخوار کی                                        یہ ندا ’’سب چلیں‘‘! قافِلے میں چلو

(وسائلِ بخشش مرمَّم،ص۶۷۲-۶۷۵)

 صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                    صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

      اي عاشقانِ رسول! اسان اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي شاعري بابت بيان ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪري رهيا آهيون ۽ اسان اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي عشقِ رسول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي مشتمل چنڊ بابت ڪجھ شعر ۽ ان جي وضاحت ٻُڌي، حدائقِ بخشش ۾ اهڙا کوڙ شعر مختلف هنڌن تي پنهنجون خوشبوئون لُٽائي رهيا آهن، سندن جي لکيل نعتن کي پڙھندا وڃو ٻڌندا وڃو لفظ لفظ مان عشق ۽ محبت جي مٺاڻ نظر ايندي۔ سندن جون لکيل ڪجھ نعتون عالَمِ