Book Name:Aala Hazrat Ki Shayri Aur Ishq-e-Rasool

قدموں میں جبیں کو رہنے دو         چہرے کا تصوّر مشکل ہے

جب چاند سے بڑھ کر ایڑی ہے    تو رُخسار کا عالَم کیا ہوگا

 صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                    صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

چنڊ ۽ تَخَيلاتِ رضا

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان اعليٰ حضرت جي شاعري ۽ عشقِ رسول بابت ٻُڌي رهيا هئاسين۔ چنڊ جو ذڪر شعر و شاعري ۾ جڳھ جڳھ تي ملندو آهي۔ محبوب جي حُسن کي، محبوب جي خوبصورتي کي، محبوب جي دلڪشي کي ۽ محبوب جي رنگت کي چنڊ سان تشبيه ڏيڻ اردو شاعري ۾ گھڻو عام آهي۔ پر جهڙي طرح سرڪارِ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه چنڊ کي نعتِ محبوب جي لاءِ استعمال ڪيو آهي اهو پنهنجو مٽ پاڻ آهي۔ اچو! ان جا ڪجھ مثال ٻڌون ٿا:

(1) عام طور شاعر حضرات چنڊ جي حُسن جي ته ڳالھ ڪندا آهن پر ان جي نشانن کي نظر انداز ڪري ڇڏيندا آهن، سرڪارِ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه عشق جي رنگ ۾ ٻڌايو ته چنڊ تي داغ ڇو آهن؟ جيئن فرمائن ٿا:

برقِ اَنگُشْتِ نبی چمکی تھی اُس پر ایک بار

آج تک ہے سِینۂ مہ میں نشان ِ سوختہ

(حدائقِ بخشش، ص۱۳۶)

  يعني سرڪارِ مدينه، قرارِ قلب و سينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ هٿن جي نوراني آڱر هڪ ڀيرو چمڪي چنڊ تي پئي پر اڄ تائين چنڊ جي سيني ۾ سڙڻ جو نشان موجود آهي۔

(2) پوءِ هڪ ٻي شعر ۾ چنڊ کي اهو داغ مٽائڻ جو طريقو به ٻڌائيندي نظر اچن ٿا، جيئن قصيده معراج ۾ فرمائن ٿا: