Book Name:Aala Hazrat Ki Shayri Aur Ishq-e-Rasool

سڀني نظارن کي عشقِ رسول جي نگاھ سان ڏسندا هئا ۽ ذهن ۾ ايندڙ خيالن کي نعتيه شاعري جي صورت ۾ بيان به ڪندا هئا۔ سندن جي نعتيه ڪلام حدائقِ بخشش ۾ ڪيئي منظرن کي عشقِ رسول ۾ ٻڏي ڪري محبت واري انداز ۾ سمجھايو ويو آهي۔ انهن نظارن مان هڪ سج به آهي۔ اهو ئي سج آهي جيڪو تمام جهان کي پنهنجي نور سان روشن ڪري رهيو آهي، اهو ئي سج آهي جيڪو هزارين سالن کان دنيا کي جڳمڳائي رهيو آهي پر ان جو نور گھٽ نه پيو ٿئي۔ اهو ئي سج آهي جيڪو هر ڏينهن نور جي خيرات ورهائيندو آهي۔ اهو ئي سج آهي جنهن جي طلوع ۽ غروب ٿيڻ سان دنيا جو نظام هلي رهيو آهي، هن سج کي ڪائنات جي نظارن ۾ مرڪزي حيثيت حاصل آهي۔

   اعليٰ حضرت امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي عشق جي ڪتاب ۾ ان سج جي حقيقت ڇا آهي، جڏهن رحمت عالم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي جُود و سخاوت جي ڳالھ هلي رهي هئي ته فرمائن ٿا:

جس کو قُرصِ مہر سمجھا ہے جہاں اے مُنْعِمُو!

اُن کے خوانِ جُود سے ہے ایک نانِ سوختہ

(حدائقِ بخشش،ص۱۳۶)

      يعني اي تاجدارو! اي بادشاهو! سڄو جهان جنهن کي سج چوندو آهي، ماڻهو جنهن کي آٓفتاب چئي سڏيندا آهن، جنهن کي سج جو نالو ڏنو ويندو آهي۔ اهو ئي سج ۽ اهو ئي آفتاب، جانِ عالم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي دستر خوان جي سڙيل ماني آهي، ٿورو سوچيو ته جنهن ڪريم آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي دسترخوان جي سڙيل ماني سان ڪائنات جو گذارو ٿي رهيو آهي ته ان جي دستر خوان جون اهي مانيون جيڪي سڙڻ کان محفوظ آهن، انهن جو ڇا حال هوندو ۽ جنهن محبوب عَلَيه الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَام جي سڙيل مانيءَ ڏانهن ڏسڻ اکيون برداش نه سگهن، ان جي پنهنجي مبارڪ چهري جي انوار جو عالم ڇا هوندو؟

      ڪنهن شاعر ڇا ئي خوب فرمايو آهي: