Book Name:Aala Hazrat Ki Shayri Aur Ishq-e-Rasool

عشقِ رسول ڇا آهي؟

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! امام غزالي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي فرمان جو خلاصو اهو آهي ته ڪنهن پسنديده شيء سان تَعَلُّق قائم ٿي وڃڻ مَحَبَّت چورائي ٿو ۽ جڏهن اهو ئي تعلق شدت اختيار ڪري وڃي ته ان کي عشق چوندا آهن۔

عشقِ رسول جون تقاضائون

مسلمان توڙي جو بي عمل ئي ڇو نه هجي، پر ان کي الله ۽ رسول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان محبت ضرور هوندي آهي ۽ هئڻ به گھرجي۔ اچو! ٻڌون ٿا ته عشق ۽ محبت جو تقاضو ۽ ان جون نشانيون ڪهڙيون آهن؟ جيئن عالم سڳورا فرمائن ٿا: الله پاڪ ۽ ان جي رسول، رسولِ مقبول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان مَحَبَّت ۽ عشق جو تقاضو ۽ نشاني اها آهي ته سندن جي اطاعت ۽ فرمانبرداري وارا ڪم ڪيا وڃن۔

حضرتِ سهل بن عبدُالله رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: الله ڪريم سان مَحَبَّت جي نشاني قرآن سان مَحَبَّت ڪرڻ آهي ۽ قرآٓن سان مَحَبَّت جي علامت نبي ذيشان، رسولِ رحمٰن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان مَحَبَّت ڪرڻ آهي ۽ رحمتِ عالم، نُورمجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان مَحَبَّت جي نشاني سندن جي سنت سان مَحَبَّت ڪرڻ آهي ۽ انهن سڀني سان مَحَبَّت جي نشاني اها آهي ته آخرت سان مَحَبَّت ڪئي وڃي ۽ آخرت سان مَحَبَّت جي نشاني اها آهي ته ضرورت کان علاوه دنيا کان بُغض رکيو وڃي۔ (تفسير قرطبي،پ۳،آل عمران،تحت الآيۃ:۳۱،۲/۴۷ملتقطاً )

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! عشقِ رسول جون وڌيڪ ٻيون ڪيئي تقاضائون آهن۔ جيئن v عشقِ رسول جو هڪ تقاضو اهو به آهي ته الله ۽ ان جي رسول سان محبت ڪئي وڃي۔ ٭ عشقِ رسول جو هڪ تقاضو اهو به آهي ته ان جو مبارڪ ذڪر ڪثرت سان ڪيو وڃي۔ ٭ عشقِ رسول جو هڪ تقاضو اهو به آهي ته سندن جي مبارڪ ارشادن کي ٻڌي عمل ڪيو وڃي ۽ اڳتي ڦهلايو وڃي۔ ٭ عشقِ رسول جو هڪ تقاضو اهو به آهي ته سندن جي شهر سان به محبت ڪئي وڃي۔ ٭ عشقِ رسول جو هڪ تقاضو اهو به آهي ته سندن اولاد سان به محبت ڪئي وڃي۔ ٭ عشقِ رسول جو هڪ تقاضو اهو به آهي ته سندن جي صحابه ڪرام سان به محبت ڪئي وڃي۔ ٭ عشقِ رسول جو هڪ تقاضو