Book Name:Aala Hazrat Ki Shayri Aur Ishq-e-Rasool

اسلام جي ٻار ٻار جي زبان تي آهن، جنهن کي ڏسو، هر هڪ اهو ئي چوندي نظر ايندو آهي:

سب سے اَولیٰ و اَعلیٰ ہمارا نبی                                        سب سے بالا و وَالا ہمارا نبی

اپنے مولیٰ کا پیارا ہَمارا نبی                                         دونوں عالَم کا دُولہا ہمارا نبی

خَلق سے اَولیا، اَولیا سے رُسُل                                اور رَسولوں  سے اَعلیٰ ہمارا نبی

بُجھ گئیں جس کے آگے سبھی مشعلیں                                شمع وہ لے کر آیا ہمارا نبی

کون دیتا ہے دینے کو منہ چاہیے                              دینے والا ہے سچا ہمارا نبی

غمزدوں کو رضاؔ مژدہ دیجے کہ ہے                            بیکسوں کا سہارا ہمارا نبی

(حدائقِ بخشش،ص ۱۳۸ تا ۱۴۰)

 اعليٰ حضرت جو عِشقِ رسول

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! هن ۾  ڪو شڪ ناهي ته اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه شاعري ۾ جيڪو مقام ماڻيو آهي، ان جو مثال نٿو ملي۔ يقيناً اهو چئي سگھجي ٿو ته پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي لکيل ڪلام کي بارگاھِ مصطفيٰ ۾ به قبوليت حاصل هئي۔ اچو هن طرح جو هڪ واقعو ٻڌون ٿا، جيئن اعليٰ حضرت امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه ٻئي ڀيري حج جي لاءِ حاضِر ٿيا ته مدينهءِ منوَّره ۾ نبي رَحمت، شفيعِ اُمّت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي زِيارت جي آرزو کڻي روضهءِ اَطهر جي سامهون دير تائين صلوٰۃ وسلام پڙھندا رهيا، پر پهرين رات قسمت ۾ اها سَعادت نه هئي۔ ان موقعي تي اها معروف نعتيه غَزل لکي، جنهن جي مَطلَع (يعني پهرين شعر) ۾ دامنِ رحمت سان وابستگي جي اُمّيد ڏيکاري آهي:

وہ سُوئے لالہ زار پھرتے ہیں                                     تیرے دن اے بہار پھرتے ہیں

(حدائقِ بخشش،ص۹۹)

  شعر جي وضاحت: اي بهار خوش ٿي وڃ! جو تو تي بهارن جي بهار اچڻ واري آهي، هو ڏس! مديني جا تاجدار صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ سوءِ لاله زار يعني باغ ڏانهن تشريف وٺي اچي رهيا آهن۔