Book Name:Aala Hazrat Ki Shayri Aur Ishq-e-Rasool

مومن ہوں مومنوں پہ رؤفٌ رحیم ہو                             سائل ہوں سائلوں کو خوشی لَانَہَر کی ہے

(حدائق بخشش ، ص۲۱۲)

 هن ۾ قرآنِ پاڪ جي هن آيت سڳوري ڏانهن اشارو آهي:

وَ اَمَّا السَّآىٕلَ فَلَا تَنْهَرْؕ(۱۰)         (پ۳۰، الضحي:۱۰)

ترجمو ڪنز الايمان: ۽ سوالي کي نه جهڻڪ.

    سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه هڪ ٻي هنڌ فرمائن ٿا:

مجرم بلائے آئے ہیں جَآءُوۡکَ ہے گواہ                           پھر رد ہو کب یہ شان کریموں کے در کی ہے

(حدائق بخشش ، ص۲۰۵)

 هن شعر ۾ قرآنِ پاڪ جي هن آيت سڳوري ڏانهن اشارو آهي:

وَ لَوْ اَنَّهُمْ اِذْ ظَّلَمُوْۤا اَنْفُسَهُمْ جَآءُوْكَ فَاسْتَغْفَرُوا اللّٰهَ وَ اسْتَغْفَرَ لَهُمُ الرَّسُوْلُ لَوَجَدُوا اللّٰهَ تَوَّابًا رَّحِیْمًا(۶۴)  (پ٥،النساء:۶۴)                        

ترجمو ڪنزالايمان: ۽ جيڪڏهن اهي پنهنجي پاڻ تي ظلم ڪن ته اي محبوب تنهنجي بارگاھ ۾ حاضر ٿين پوءِ الله کان معافي گهرن ۽ رسول انهن جي شفاعت فرمائي ته ضرور الله کي گهڻو توبه قبول ڪندڙ مهربان لهندا.

اهڙي طرح سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه هڪ ٻي هنڌ فرمائن ٿا:

رَبّ ہے مُعْطِی، یہ ہیں قاسم                                           رزق اس کا ہے، کھِلاتے یہ ہیں

(الاستمداد،ص۶)

هن ۾ هن حديثِ پاڪ ڏانهن اشارو آهي جنهن ۾ پاڻ ڪريم عَلَيه الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَام ارشاد فرمايو: اِنَّمَا اَنَا قَاسِمٌ وَاﷲُ الْمُعْطِي يعني ڏيڻ وارو الله آهي ۽ ورهائڻ وارو مان آهيان۔ (بخاري، ڪتاب الاعتصام، باب قول النبي لاتزال طائفۃ،۴/۵۱۱، حديث: ۷۳۱۱)