Book Name:Aala Hazrat Ki Shayri Aur Ishq-e-Rasool

سالن جي عمر ۾ ناظره قرآنِ پاڪ ختم ڪري ورتو ۽ اُنهيءَ عمر ۾ فصيح (يعني خالص) عربي زبان ۾ گفتگو فرمائي۔ ٭ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه تقريباً 6 سال جي عمر ۾ پهريون بيان فرمايو۔ ٭ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه 13 سال 4 مهينا ۽ 10 ڏينهن جي عمر ۾ علومِ درسيه کان فراغت ماڻي ۽ دستارِ فضيلت ٿي، انهيء ڏينهن فتويٰ لکڻ جو باقاعده آٓغاز فرمايائون ۽ درس ۽ تدريس جي به شروعات ڪيائون۔ ٭ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي تقريباً 19 سال جي عمر ۾ سنّتِ نڪاح ادا ٿي ۽ ازدواجي زندگي جي ابتدا ٿي۔ ٭ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه کي تقريباً 23 سالن جي عمر ۾ پهرين ڀيري ۽ تقريباً 51 سالن جي عمر ۾ ٻيهر زيارتِ حرمين شريفين جي سعادت حاصل ٿي ٭ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه تقريباً  68 سالن جي عمر ۾ آخري وصيتون لکرايون ۽ نيٺ علم ۽ فن جو اهو عظيم آفتاب 25 صفرالمظفر 1340ھ28 آڪٽوبر1921ء جو جمعة المبارڪ جي ڏينهن ٺيڪ اذانِ جمعه جي وَقت تقريبا 68 سالن جي عمر ۾ لهي ويو۔ (ماخوذازحياتِ اعليٰ حضرت ،جهانِ رضا، سوانحِ امام احمدرضا، تجلياتِ امام احمد رضا ،تذڪره امام احمد رضا)

الله ڪريم جون انهن تي ڪروڙين رحمتون نازل ٿين، الله پاڪ ان جي صدقي اسان جي بي حساب مغفرت فرمائي۔

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! هن ۾ ڪو شڪ ناهي ته اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه پنهنجي وقت جا تمام وڏا عاشقِ رسول هئا۔ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي سڄي زندگي عشقِ رسول ۾ گذري آهي۔ پاڻ گفتگو ڪندا هئا ته لفظن جي صورت ۾ عشقِ رسول جا جام پيئاريندا هئا، پاڻ قلم کڻندا هئا ته تحرير جي صورت ۾ عشقِ رسول کي فروغ ڏيندي نظر ايندا هئا، ڄڻ سندن زندگي جو هڪ هڪ لمحو عشقِ رسول جا جام پيئڻ ۽ پيئارڻ ۾ گذريو هو۔ سندن جي شاعري مان  سندس عشقِ رسول جي صحيح خبر پوندي آهي۔

هونئن ته اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه کوڙ سارين خوبين جا مالڪ هئا، پر خاص ڳالھ اها آهي ته سندن جا ڪيئي شعر قرآنِ پاڪ جي تفسيري معنيٰ ۽ احاديث ڏانهن اشارو ڪندا آهن، ڄڻ قرآن ۽ حديث ۾ جيڪو پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو شان بيان ٿيو آهي، اهو اعلي حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي ڪيئي شعرن ۾ بيان ٿيل آهي۔ جيئن هڪ هنڌ فرمائن ٿا: