Book Name:Shan-e-Bilal-e-Habshi

مجلسِ امامت ڪورس

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت سيدنا بلال حبشي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي سيرت طيبه مان حصو ماڻڻ ۽ پنهنجي دلين ۾ عشقِ رسول کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي وڃو،  اَلْحَمْدُ لِلّٰه عاشقانِ رسول جي مَدَني تحريڪ دعوتِ اسلامي سڄي دُنيا ۾ نيڪي جي دعوت جون ڌُومون مچائڻ جي لاءِ 107 شُعبن ۾ دينِ متين جو ڪم ڪري رهي آهي،  انهن ئي شعبن مان هڪ شعبو ”مجلس امامت ڪورس“ به آهي۔ امامت هڪ اهڙو مقدس شعبو آهي جو هر شخص دل سان ان جي قدر ڪندو آهي۔ اميرِاهلسُنَّت، حضرت علامه مولانا محمد الياس عطار قادِرِي دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه فرمائن ٿا: امامت اسلام جي بهترين خدمت ۽ رزقِ حلال جي حصول جو عظيم ذريعو آهي۔ ”مجلس امامت ڪورس“ جي ذمه دارين ۾ اهو به شامل آهي ته اها اندرونِ ۽ بيرونِ ملڪ جي مسجدن جي لاءِ اهل ۽ ذمه دار امام ۽ مؤذن مهيا ڪري۔ اها مجلس هن ڳالھ کي يقيني بڻائيندي آهي ته دعوتِ اسلامي جي تحت ذميداريون سرانجام ڏيڻ وارا امام سڳورا امامت ۽ نماز بابت بنيادي فرض علوم کان مڪمل آگاهي رکندا هجن، اهي متقي هئڻ سان گڏوگڏ باعمل به هجن، دِين ۽ مسلڪ جو درد رکڻ وارا هجن، مدني مرڪز جي طريقِ ڪار جي مطابق 12 مدني ڪمن جون ڌُومون مچائڻ وارا هجن۔ امام سڳورا سٺو بيان ڪرڻ جي صلاحيت، عقائد ۾ پختگي، امامت ۽ خطابت جي اهليت، تجويد ۽ قراءت سان تلاوتِ قرآن ڪرڻ جي صلاحيت سان مالا مال هئڻ سان گڏوگڏ حُسنِ معاشرت سان زندگي گذارڻ وارا هجن۔ ان ڪري امامت ڪورس ۾ بنيادي عقائد، نماز ۽ امامت بابت ضروري فقهي مسئلا، تجويد ۽ قرأت ۽ اخلاقيات سيکارڻ سان گڏ تنظيمي تربيت جو به اهتمام ڪيو ويندو آهي۔ اَلْحَمْدُ لِلّٰه امامت ڪورس جي برڪت سان ڪيئي افراد پنهنجون نمازون درست ڪرڻ سان گڏ امام بڻجي رخصت ٿيندا آهن ۽ معاشري ۾ عزت جو مقام ماڻيندا آهن۔ لهٰذا جنهن کي موقعو ملي ان کي ضرور امامت ڪورس جي ذريعي علمِ دين حاصل ڪرڻ گھرجي۔