Book Name:Shan-e-Bilal-e-Habshi

جي نعمتن کي الله پاڪ جي عبادت ۾ خرچ ڪيو وڃي ۽ انهن نعمتن کي الله پاڪ جي معصيت ۾ صرف ٿيڻ کان بچايو وڃي. ٭ اکين جو شڪر اهو آهي ته  ڪنهن مسلمان جو عيب ڏسي ته ان تي پردو وجهي. (احیاء العلوم ،کتاب الصبروالشکر،الرکن الاول فی نفس الشکر ،بیان فضیلۃ الشکر،۴/۱۰۳، ملخصاً)

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                                           صَلَّی اللّٰہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

 

ايندڙ هفتيواراجتماع جي بيان جون جھلڪيون

          پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اِنْ شَآءَ الله!     آئنده هفتيوار سنتن ڀري اِجتماع جو موضوع هوندو: ”خوش قسمت ڪير؟“. يقيناً اڄ هرهڪ خوش قسمتي جا پنهنجا پنهنجا طريقا ٺاهيو ويٺو آهي. پر حقيقي خوش قسمتي ڇا آهي حقيقت ۾ خوش قسمت ڪير آهي. ايندڙ بيان ۾ ان جي متعلق ڪجھ ڳالهيون بيان ڪيون وينديون.لهٰذا! آئنده جمعرات به اجتماع ۾ حاضري جي نيت ڪريو، نه صرف پاڻ اچڻ جي بلڪ اِنفرادي ڪوشش ڪري ٻين کي به گڏ آڻڻ جي نيت ڪريو ۽ هٿ کڻي زور سان چئو: اِنْ شَآءَ الله

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                                           صَلَّی اللّٰہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد 

 

دعوتِ اسلامي جي هفتيوار سنتن ڀري

اِجتِماع ۾ پڙهيا ويندڙ 6 درود شريف ۽ 2 دعائون

(1) جمعه جي رات جو دُرُود

اَللّٰھُمَّ صَلِّ وَسَلِّمْ وَبَارِكْ عَلٰی سَیِّدِنَا مُحَمَّدٍ النَّبِیِّ الْاُمِّیِّ الْحَبِیْبِ الْعَالِی الْقَدْرِ