Book Name:Shan-e-Bilal-e-Habshi

لاءِ پنهنجي جان به قربان ڪرڻ جي لاءِ تيار هئا، سندن جي زندگي جو اصلي مقصد اهو ئي هو، پاڻ پنهنجي ڪردار سان رهندي دنيا تائين جي مسلمانن کي اهو ٻڌائي ڇڏيو ته هڪ مسلمان کي دينِ اسلام ۽ پنهنجي آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان ڪيتري محبت هجڻ گهرجي. پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ پنهنجي خواهشات، مال ۽ متاع، اولاد ۽ قريبي رشتيدارن ايستائين جو پنهنجي جان کان به وڌيڪ الله ڪريم ۽ ان جي حبيب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان محبت ڪيائون ۽ ان محبت کي هميشه پنهنجي دل ۾ آباد ڪيائون، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو سندس جي عمل سان خوش ٿي ڪري رسولِ خدا، مڪي مدني مصطفٰيصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪيئي موقعن تي سندن جي تعريف ۽ توصيف ڪئي ۽ جنت ۾ پنهنجي غلام جي قدمن جي آواز کي به ٻڌو: جيئن

قدمن جي آواز:

معراج جي رات جنت جي سير جي دوران نبي ڪريم، رؤف و رحيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  جنت ۾ ڪنهن جي قدمن جو آواز ٻڌو، جنهن جي باري ۾ حضور ڪريمصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  جن کي ٻڌايو ويو ته اهو حضرت بلال حبشيرَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ  جي قدمن جو آواز آهي. ( مشکاۃ المصابیح ،کتاب المناقب،باب مناقب  عمر،۲/۴۱۸،الحدیث:۶۰۳۷ملتقطا)

سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه! قربان وڃجي! بلال حبشي جي شان تي ته پيارا آقا، مديني وارا مصطفٰيصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي غلام جي قدمن جو آواز جنت ۾ ٻڌي رهيا آهن، بلال حبشي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کي اهو مقام ۽ مرتبو ڪهڙي عمل جي سبب حاصل ٿيو، اچو ٻڌون ٿا: جيئن ته

جنت ۾ وٺي ويندڙ عمل:

حضرت سيدنا بريده رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان روايت آهي ته هڪ ڏينهن صبح جو نبي ڪريمصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم بيدار ٿيا ته بلال حبشي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کي فرمايائو: اي بلال! ڪهڙي شيءِ توکي مونکان اڳ ۾ جنت ۾ وٺي وئي؟ اَڄ رات مان جنت ۾ داخل ٿيس ته مون پنهنجي اڳيان تنهنجي قدمن جو آواز ٻڌو. ته حضرت سيدنا بلال رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ عرض ڪيو: يارسول اللهصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! مان (وضو ڪرڻ کان پوءِ) هميشه ٻه رڪعتون پڙهي آذان ڏيندو آهيان ۽ جڏهن بي وضو ٿي پوندو آهيان