Book Name:Shan-e-Bilal-e-Habshi

ته جلدي مان وضو ڪري وٺندو آهيان تنهن تي رحمتِ عالم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو( سهي!) اهو ئي سبب آهي. (ترمذی، کتاب المناقب، باب فی مناقب ابی حفص۔۔ ۔ الخ، ۵/۳۸۵، حدیث:۳۷۰۹ملتقطا)

 اي عاشقانِ صحابه! اوهان ٻڌو ته سيدنا بلالِ حبشيرَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کي نفل نماز جو ڪيترو نه جذبو هو، جڏهن به وضو ڪندا ها ته ٻه رڪعت نماز تحية الوضُو ادا ڪندا ها ۽ هڪ طرف اسان پنهنجي ڪردار جي طرف نظر ڪيون ته اسان جو حال هي آهي جو نفلن سان گڏوگڏ فرائض ۽ واجبات جي ادائيگي ۾ به سستي ۽ غفلت نظر اچي ٿي. دوستن سان فضول ڳالهين ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ضايع ڪري ڇڏيندا آهيون، پر نماز جي  خاطر مسجد ۾ وڃڻ جي لاءِ ٽائم ناهي. شادي جي دعوت ۾ ٻه ڪلاڪ پهريان پهچي ويندا آهيون، پر نماز جي لاءِ 10 منٽ اڳ وڃڻ جو وقت ناهي، بلڪ هڪ تعداد اهڙي آهي جيڪا مسجد ۾ جيڪڏهن پهچندا به آهن ته عين جماعت جي وقت، جمعي جي ڏينهن عين خطبي جي وقت جلدي جلدي ۾ وضوءَ جا ڦڙا مسجد جي فرش تي ڪيرائيندي جماعت ۾ شامل ٿيندا آهن. حالانڪ مسجد جي فرش تي وضو جي پاڻي جا ڦڙا ڪيرائڻ شرعي اعتبار سان درست ناهي.

اسان غور ڪريون ته ڪٿي پنهنجي زندگي جي مقصد کي ويساري ڏينهن رات الله پاڪ جي حقن کي ضايع ڪرڻ ۾ ته نه گذاري رهيا آهيون؟

ياد رکو! ايمان ۽ عقائد جي درستگي کانپوءِ نماز حقوق الله ۾ سڀ کان اهم حق آهي. جيئن فتاويٰ رضويه جلد9، ص159 تي آهي: ايمان ۽ تصيحِ عقائد (يعني ايمان ۽ درست عقائد کي تسليم ڪرڻ) کان پوءِ تمام حقوقُ الله ۾ سڀ کان اهم ۽ عظيم حق نماز آهي. نماز ضايع ڪرڻ وارن کي قبر ۽ حشر ۾ دردناڪ عذابن جو منهن ڏسڻو پوندو. جيئن

بي نمازي جي سزا:

قيامت جي ڏينهن گناهگارن جي شفاعت فرمائڻ واري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  ارشاد فرمايو: قيامت جي ڏينهن سڀ کان پهريان نماز ڇڏڻ وارن جا چهرا ڪارا هوندا ۽ بيشڪ جهنم ۾ هڪ وادي آهي جنهن کي لَمۡلَمۡ چيو وڃي ٿو، ان ۾ نانگ آهن ۽ هر نانگ اُٺ جيترو آهي، ان جي ڊيگھ هڪ مهيني جي راھ جيتري آهي، جڏهن اهو بي نمازي کي ڏنگيندو ته ان جو زهر 70 سالن تائين