Book Name:Shan-e-Bilal-e-Habshi

ٻاهر نڪري آهيا آهن؟

حضور نبي ڪريمصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي وصالِ ظاهري کانپوءِ اهلِ مدينه ۾ ڪڏهن به ايترو روڄ راڙو نه ٿيو جيترو ان ڏينهن ڏسڻ ۾ آيو.

(ابن عساکر،رقم:۴۹۳،ابراہیم بن محمد ۔۔الخ ،۷/۱۳۷۔فتاوٰی رضویہ ، ۱۰/۷۲۰،مُلَخّصًا)   

دنیا کے سارے غم مرے دل سے نکال دو

غم اپنا یا حبیب! برائے بلال دو

(وسائلِ بخشش مرمّم،ص۳۰۵)

 اي عاشقانِ رسول! اها حقيقت آهي جيڪو عشقِ رسول ۾ روئندو آهي، اهو دنيا ۽ آخرت ۾ ڪامياب ٿيندو آهي، جڏهن حضرت سيدنا بلال حبشيرَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ پنهنجي سڄي زندگي الله جي محبوب جي عشق ۽ محبت ۾ گذاري ڇڏي ته رب ڪريم سندن کي دنيا ۽ آخرت ۾ بلند مقام ۽ مرتبو عطا فرمايو، قيامت تائين اچڻ وارن ماڻهن جي دلين ۾ سندن جي محبت وڌي وئي ۽ حضورصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جا اهڙا اهڙا فضائل ۽ مرتبا بيان ڪيا جن کي پڙهي يا ٻڌي سندن جي محبت ۾ اضافو ٿئي ٿو.

پياري آقا، مدني مصطفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي لاڏلي ۽ پياري صحابي حضرت سيدنا بلال حبشيرَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو دنيا ۾ ڪيڏو نه بلند مقام هو، الله پاڪ جي رحمت ۽ مصطفٰي ڪريمصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي صدقي ۾ آخرت ۾ انهن تي ڪهڙيون ڪهڙيون ڪرم نوازيون ٿينديون، اچو! ان جي متعلق (2) فرمانِ مصطفٰيصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ٻڌون ٿا: جيئن

شانِ بلال بزبان مصطفٰي:

1۔ اسان غريبن جي آقا، مڪي مدني مصطفٰيصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هڪ ڀيري حضرت سيدنا بلال(رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ) جي طرف اشارو ڪري فرمايو: قيامت واري ڏينهن جنتي ڏاچي تي سوار ٿي آذان چوندا ۽  اَشھَدُ اَنَّ مُحَمّدًارَّسُولُ اللہ جا ڪلما چوندا ته تمام انبيا ۽ اِنهن جا امتي بلال کي ڏسي رهيا هوندا. انبياء ۽ شهيدن کان پوءِ سڀ کان پهريان بلال حبشي کي جنتي لباس پارايو