Book Name:Shan-e-Bilal-e-Habshi

صَـلُّوا عَلَى الْـحَـبِيْب                                                                                                                            صَـلَّى الـلّٰـهُ تَـعَـالٰى عَـلٰى مُـحَـمَّد

نيڪ ڪم جي ترغيب

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! پنهنجي دلين ۾ عشقِ رسول، عشقِ صحابه ۽ اولياء جي شمع روشن ڪرڻ، محبتِ رسول سان دلين کي روشن ڪرڻ، گناهن کان نفرت ۽ ايمان جي حفاظت جو جذبو ماڻڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوت اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي وڃو، پنهنجو ڪجهه نه ڪجهه وقت ڪڍي ڪري ذيلي حلقن جي مدني ڪمن ۾ وڌي ڪري حصو وٺو. انهن مدني ڪمن ۾ شموليت جي برڪت سان اسان گناهن کان بچيا رهنداسين، آخرت جي لاءِ نيڪين جو ذخيرو جمع ٿيندو رهندو، نيڪيءَ جي دعوت ڏيڻ وارن خوشنصيبن ۾ اسان جو شمار ٿيندو، سٺي صحبت ميسر ايندي ۽ مدني انعامات تي عمل جو جذبو نصيب ٿيندو. اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه”72 نيڪ ڪم“ عمل جو جذبو وڌائڻ ۽ گناهن کان جان ڇڏائڻ جو بهترين نسخو آهن، نيڪ ڪم تي عمل ڪرڻ وارن سان اميراهلسنت، بانيءِ دعوتِ اسلامي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ تمام گهڻو خوش ٿيندا آهن ۽ انهن کي دعائن سان نوازيندا آهن. نيڪ ڪم تي عمل جي برڪت سان خوفِ خدا ۽ عشقِ مصطفٰي جي دولت نصيب ٿيندي آهي. انهيءَ نيڪ ڪمن مان نيڪ ڪم نمبر43 آهي ته: اوهان (شرعي مصلحت جي بغير) ڪنهن هڪ يا ڪجهه ماڻهن سان ذاتي دوستي رکي آهي يا سڀني سان هڪجهڙا تعلق رکيا آهن؟

ياد رکو! ڪجهه مخصوص ماڻهن سان ئي دوستي ڪري صرف انهن سان ئي اٿڻ ويهڻ ٻين ماڻهن جي ذهنن ۾ کوڙ وسوسا پيدا ڪرڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿو ۽ خاص ڪري دعوتِ اسلامي جي ذميدارن جي لاءِ هي عمل تنظيمي ڪمن ۾ به تمام وڏي رڪاوٽ آهي، هن ڪري ڪڏهن ڪڏهن غيبت، تهمت، ۽ بدگمانين جهڙن باطني گناهن ۾ وڃي پوڻ جو انديشو هوندو آهي، جنهن جي سبب نيڪيون ضايع ٿي سگهن ٿيون، اعمالنامو گناهن کان ڀرجي سگهي ٿو، تنهنڪري ڪجهه مخصوص ماڻهن سان ئي تعلقات رکڻ جي بدران سڀني سان هڪجهڙو سلوڪ رکو. جيڪڏهن ڪو خوشنصيب الله پاڪ جي رضا جي لاءِ ڪنهن سان دوستي ڪري، علمِ دين سکڻ جي لاءِ دوستي ڪري، قافلي ۾ سفر