Book Name:Shan-e-Bilal-e-Habshi

هو جو حضرت سيدنا بلالِ حبشي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ آقا ڪريم، صاحبِ خُلقِ عظيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي قبيلي وارن سان بي پناهه محبت ڪندا هئا ۽ انهن جي لاءِ دعائون گهرندا هئا، جيئن

قريش وارن جي لاءِ دعا ڪندا هئا

حضرت سيدنا عروه بن زبير رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان روايت آهي ته قبيلي بَنُو نَجّار جي هڪ صحابيه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُما فرمايو: مسجد نبوي شريف جي ويجهو منهنجو ئي گهر بلند(اونچائي وارو) هئو ۽ انهيءَ تي حضرت سيدنا بلالِ حبشي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فجر جي آذان ڏيندا هئا، هو رات جي آخري حصي ۾ مڪان جي ڇت تي اچي ويهي رهندا هئا ۽ فجر جي وقت جو انتظار ڪندا هئا، جڏهن ان کي ڏسندا هئا ته انگڙائي ڏيندي هيءَ دعا گهرندا هئا: اللّٰہُمَّ  اِنِّیْ  اَحْمَدُکَ وَاسْتَعِیْنُکَ عَلٰی قُرَیْشٍ اَنْ یُّقِیْمُوْا دِیْنَکَ يعني اي الله! مان تنهنجي حمد بيان ڪريان ٿو ۽ قريش جي معاملي ۾ تنهنجي مدد گهران ٿو جو اهي تنهنجي دين کي قائم ڪن، ان کان پوءِ آذان چوندا هئا، اهي صحابيه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُما فرمائن ٿيون: خدا جو قسم! منهنجي معلومات ۾ هڪ رات به اهڙي نه آهي جو انهن اها دعا نه گهري هجي. (ابو داود ، کتاب الصلاۃ ،باب الاذان فوق المنارہ،۱/۲۱۹،حدیث:۵۱۹)

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بيان ڪيل واقعي مان ٻه ڳالهيون معلوم ٿيون:

هڪ هيءَ ته جڏهن آذان کان پهريان قريش جي لاءِ دعائيه ڪلمات چوڻ جائز ۽ سنتِ بلالي آهي ته پوءِ آذان کان پهريان سرڪارِ مدينه جي لاءِ دعا ڪرڻ يعني درود ۽ سلام پڙهڻ به يقينًا جائز بلڪ گهڻي اجر ۽ ثواب جو باعث آهي.

ٻي ڳالهه اها معلوم ٿي جو حضرت سيدنا بلالِ حبشي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ آذان کان پهريان پنهنجي لاءِ ۽ حضوراڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي قبيلي وارن جي لاءِ بلا ناغه دعائيه ڪلمات چوندا هئا. اسان کي به گهرجي ته جڏهن دعا ڪريون ته صرف پنهنجي ئي لاءِ نه بلڪ تمام مسلمانن جي لاءِ دعا ڪريون، ڇو ته دعا جي قبوليت جي آدابن مان اهو به آهي ته جڏهن اسان پنهنجي لاءِ دعا گهرون ته سڀني مسلمانن کي هن دعا ۾ شريڪ ڪريون. اعلٰي حضرت امام احمد خان