Book Name:Shan-e-Bilal-e-Habshi

کافُور نہ ہو میرے کفن اور بدن میں

حضرت کا کوئی پسینہ مَل جائے تو اچھا

ٻئي شعر ۾ شاعر جي تمنا آهي ته جڏهن مان مري وڃان ته منهنجي ڪفن ۽ بدن ۾ ڪافور جي جاءِ تي رسولِ خدا، تاجدارِانبيا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو ڪو پسينو ملي وڃي ته تمام سٺو ٿئي.

اي عاشقانِ بلالِ حبشي! ٻڌو اوهان ته عاشقِ صادق، سيدنا بلالِ حبشي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کي حضوراڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان ڪيترو ڪامل درجي جو عشق هو جو موت کي مسڪرائي ڳلي لڳائي رهيا آهن، هن ڪري جو مرڻ کان پوءِ حضور جي بارگاهه ۾ حاضري نصيب ٿيندي، جنت ۾ پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ۽ ٻين صحابه عَلَیْہِمُ الرِّضْوَان سان ملاقات ٿيندي، سيدنا بلالِ حبشي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ پنهنجي گفتار ۽ ڪردار سان اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ۽ سيکاريو ته عشقِ رسول ئي دينِ حق جي پهرين شرط آهي، سفر جي حالت هجي يا اقامت واري حالت زندگي جا ڏينهن هلي رهيا هجن يا موت جو وقت هجي، مطلب ته هر جڳهه هر معاملي ۾ انهن محبتِ رسول کي پنهنجي زندگي جو سرمايو بڻائي رکيو ۽ عشقِ رسول ۾ پاڻ کي فنا ڪري ڇڏيو، اهو ئي سبب آهي جو اڄ ڪيتريون ئي صديون گذرڻ جي باوجود به سيدنا بلالِ حبشي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ عاشقن جي دلين جي ڌڙڪن بڻيل آهن ۽ هڪ پاسي اسان محبتِ رسول جو دعوٰي ڪرڻ وارا! پنهنجي پاڻ تي غور ڪريون ته صرف زبان جي حد تائين ئي عشقِ رسول جا دعويدار آهيون ۽ ڪردار عشقِ رسول کان خالي آهي،

ٿورو سوچيو! ڇا عشقِ رسول جي دعوٰي ڪرڻ وارا بغير ڪنهن سبب جي ڪنهن سان لڙائي جهڳڙو ڪندا آهن؟ ڇا عشقِ رسول جي دعوٰي ڪرڻ وارا بدلو وٺڻ جا موقعا تلاش ڪندا آهن؟ ڇا عشقِ رسول جي دعوٰي ڪرڻ وارا گاريون ڏيندا آهن؟ ڇا عشقِ رسول جي دعوٰي ڪرڻ وارا تهذيب ۽ اخلاق کي ڇڏي ڏيندا آهن؟ ڇا عشقِ رسول جي دعوٰي ڪرڻ وارا ڏاڙهي هڪ مُٺيءَ کان گهٽ ڪرائيندا آهن؟ ڇا عشقِ رسول جي دعوٰي ڪرڻ وارا مسلمانن جون دليون ڏکائيندا آهن؟ ڇا عشقِ رسول جي دعوٰي ڪرڻ وارا غير مسلمانن جي