Book Name:Shan-e-Bilal-e-Habshi

ان جي جسم ۾ جوش هڻندو رهندو، پوءِ ان جو گوشت ڳري هڏن کان الڳ ٿي ويندو. (کتاب الکبائر،فصل فی المحافظۃ علی الصلوات والتہاون بہا،ص۲۶)

 اي عاشقانِ رسول! خوفِ خدا سان ڏڪي وڃو، خوابِ غفلت مان جاڳو ۽ اڄ ئي نمازن جي پابندي شروع ڪري ڇڏيو، نه صرف پنج ئي نمازون مسجد جي پهرين صف ۾ باجماعت ادا ڪرڻ جو معمول بڻايو بلڪ تَحِيّةُ اۡلوُضو ۽ ٻين نفلن جي به پابندي ڪرڻ جي نيت ڪيو، تَحِيّةُ اۡلوُضو جي ترغيب ته 72 نيڪ ڪمن ۾ به شامل آهي. هي نفل پڙهڻ سان ان نيڪ ڪم تي به عمل ٿي ويندو، هونئن به نفل پڙهڻ جون ڪيئي برڪتون آهن. اچو! نفل نمازن جي پابندي جو ذهن بنائڻ جي لاءِ 3 فرمانِ مصطفٰي ٻڌو ٿا: جيئن

نفلن جا فضائل:

  1. ارشاد فرمايائون: جنهن ٻه رڪعت نفل ادا ڪيا جن ۾ پنهنجي دل سان ڪجھ گفتگو نه ڪئي ته ان جا پويان گناھ بخشيا ويندا.

  2. ارشاد فرمايائون: جيڪو شخص سٺي طريقي سان وضو ڪري ۽ ٻه رڪعتون دلي توجھ سان ادا ڪري ته ان جي لاءِ جنت واجب ٿي ويندي. (مسلم،کتا ب الطھارۃ ،باب ذکر المستحب عقب الوضوء،ص ۱۱۸، حدیث:۵۵۳)

  3. ارشاد فرمايائون: جنهن سٺي طريقي سان وضو ڪيو پوءِ اٿي ٻه يا چار رڪعتون پڙهيائين ۽ ان جا رڪوع ۽ سجود، خشوع سان ادا ڪيا پوءِ الله ڪريم سان مغفرت طلب ڪيائين ته رب ڪريم ان جي مغفرت فرمائي ڇڏيندو. (مسند احمد ، بقیۃ حدیث ابی دَرْدَاء ، ۱۰/۴۳۰ ، حدیث: ۲۷۶۱۶)

میں پانچوں نمازیں پڑھوں باجماعت                      ہو توفیق ایسی عطا یاالٰہی

میں پڑھتا رہوں سُنّتیں، وقت ہی پر                      ہوں سارے نوافل ادا یاالٰہی

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                        صَلَّی اللّٰہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

بلالِ حبشيءَ جو عشقِ رسول

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت سيدنا بلالِ حبشي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جا پاڪيزه وصف ايتري قدر آهن جو ٿورڙو وقت ان اوصافن کي بيان ڪرڻ جي لاءِ