Book Name:Shan-e-Bilal-e-Habshi

وغيره جي لاءِ دوستي ڪري، انفرادي ڪوشش ڪري ته اها الڳ ڳالهه آهي.

اچو! نيڪ ڪمن تي عمل ڪرڻ تي جذبو ماڻڻ جي لاءِ هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا. جيئن

سرسبز ۽ شاداب باغ  

هڪ اسلامي ڀاءُ جو بيان آهي ته: 16 جنوري 2013 تي رات خواب ۾ مرحوم رڪن شوريٰ حاجي زم زم عطاري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه  جي زيارت ٿي. ڏسان پيو ته اهي خوشنما باغ ۾ گلن سان سجايل سيج تي تشريف فرما آهن ۽ ڪجھ لکي رهيا آهن. مون پڇيو ته حضور ڇا لکي رهيا آهيو؟ فرمايائون: پٽ! پنهنجي عملن جو محاسبو ڪري رهيو آهيان. مون پڇيو: اوهان کي دنيا مان رخصت ٿيڻ کان پوءِ اهو مقام ۽ مرتبو ڪيئن مليو ۽ اهو خوشنما باغ ڪنهن جو آهي؟ فرمايائين: اهو مقام ۽ مرتبو نيڪ ڪمن تي عمل ڪرڻ جي ڪري مليو آهي ۽ هي باغ مونکي نيڪ ڪمن تي عمل ڪرڻ جي بدولت الله ڪريم جي طرفان تحفي ۾ مليو آهي. پوءِ هڪ آھ! ڀرڻ کان پوءِ ارشاد فرمايائون ته ڪاش! منهنجي مرشد(يعني شيخ طريقت، اميرِ اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه) جو هر مريد 72 نيڪ ڪمن جو عامل بڻجي وڃي. ان کانپوءِ مونکي نيڪ ڪمن تي عمل جي ترغيب ڏيڻ لڳا.

صَـلُّوا عَلَى الْـحَـبِيْب                                                                                                                            صَـلَّى الـلّٰـهُ تَـعَـالٰى عَـلٰى مُـحَـمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان حضرت سيدنا بلال حبشي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي عشقِ رسول جا واقعا ٻڌي رهيا هئاسين، ايمان آڻڻ ۽ غلاميءَ مان آزادي حاصل ڪرڻ کان پوءِ عاشقِ بيمثال حضرت سيدنا بلالرَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ پنهنجي زندگي جا حسين ڏينهن سرڪارِ عالي وقار، مديني جي تاجدار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي خدمت ۾ گذاريا، يقيناً حقيقي عاشق جڏهن پنهنجي محبوب جو ديدار ڪري ٿو ته ان کي هڪ لمحو به سڪون ناهي ايندو، اهو محبوب کي ڏسڻ جي لاءِ بيقرار ٿي ويندو آهي، اهو ئي سبب هو جو جڏهن حضور نبي ڪريمصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو وصالِ ظاهري ٿيو ته حضرت سيدنا بلالِ حبشي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي حالت سندن جي وس کان ٻاهر ٿي وئي، پاڻ مديني جي گهٽين ۾ اهو چوندي