Book Name:Shan-e-Bilal-e-Habshi

ڦرندا ها ته اي انسانو! توهان ڪٿي رسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي ڏٺو آهي مونکي به ڏيکاريو يا مونکي کين جو پتو ٻڌايو. انهيءَ غم ۾ پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ  مديني طيبه مان لڏي ملڪِ شام ڏانهن هليا ويا.

درٻارِ نبوي جو گهرائڻ:

جڏهن حضرت سيدنا بلال حبشي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ مدينه طيبه مان هجرت ڪري ملڪِ شام جي علائقي”دَارَيّا“ ۾ رهائش پذير ٿيا. ته هڪ رات خواب ۾ الله جا محبوب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تشريف کڻي آيا ۽ ارشاد فرمايائون: اي بلال! هي ڪهڙي بي وفائي آهي، ڇا اڃا اهو وقت ناهي آيو ته تون منهنجي ديدار جي لاءِ مديني اچين. عاشقِ بيمثال حضرت سيدنا بلالرَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ غم ۽ خوف واري حالت ۾ اٿيا، سواريءَ تي سُوار ٿيا ۽ مديني منوره جي طرف روانا ٿي ويا. جڏهن مديني طيبه جي نوراني ۽ پرڪيف فضائن ۾ داخل ٿيا ته بيقرار ٿي نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مزار پرانوار تي حاضر ٿيا، ته اکين مان لڙڪن جي لاڙ جاري ٿي وئي ۽ پنهنجو چهرو مزارِ پاڪ جي مبارڪ خاڪ تي مَلڻ لڳا، گلشنِ رسالت جا ٻئي مهڪندڙ گل حضرات حسنينِ ڪريمين(حضرت حسن ۽ حسين) رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُما جي اتي تشريف آوري ٿي ته حضرت سيدنا بلال رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ ٻنهي شهزادن کي سيني سان لاتو ۽ پيار ڪرڻ لڳا. شهزادن فرمائش ڪئي: اي بلال! اسان تنهنجي اها ئي آذان ٻڌڻ جا خواهش مند آهيون جيڪا صبح جي وقت نانا جان صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي حياتِ طيبه ۾ ڏيندا هئا.

حضرت سيدنا بلال رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ مسجدِ نبوي جي ڇت تي ان حصي تي تشريف کڻي ويا جتي اهي حضورصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي حياتِ ظاهري ۾ آذان ڏيندا هئا. جڏهن حضرت سيدنا بلال رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ ’’اللہ اَکْبَر ُ،  اللہ اَ کْبَر“ کان آذان جو آغاز ڪيو ته مدينه طيبه ۾ ماڻهو بيتاب ٿي ويا، جڏهن ’’ اَشْہَدُ اَنْ لَّاۤاِلٰہَ اِلَّااللہ‘‘ جا ڪلما ادا ڪيا ته ماڻهن جي بيقراري ايتري قدر وڌي وئي جو هر طرف سڏڪن جا آوازاچڻ لڳا پوءِ جڏهن ’’ اَشْھَدُاَنَّ مُحْمَّدًا رَّسُوْلُ اللہ‘‘ تي پهتا ته ماڻهو پنهنجو پاڻ کان لاتعلق ٿي ويا، هڪٻئي کان پڇڻ لڳا: ڇا رسول اللهصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مزارِ پرانوار مان